19 جمعہ , اکتوبر 2018

نواز شريف مريم نواز جي نالي مني لانڊرنگ ڪئي: عمران خان

بني گالا ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته ايف بي آءِ جا دستاويز ثابت ڪن ٿا ته مريم نواز آف شور ڪمپنين جي مالڪ آهي. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته ايف آءِ اي جا دستاويز مريم نواز کي آف شور ڪمپنين جو مالڪ ثابت ڪن ٿا، اهي ئي ماڻهو ڪروڙين رپين جي مي فيئر اپارٽمينٽ جا مالڪ  به آهن. سندس چوڻ هو ته مريم نواز جو ڪو به آمدني جو ذريعو ناهي، نواز شريف سندس نالي تي مني لانڊرنگ ڪئي. پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته ايف آءِ اي جي دستاويزن قطري خط، ٽرسٽ ٽريڊ ۽ ڪيبلري فونٽ سان منسوب شريفن جا سمورا ڪوڙ وائکا ٿيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جعلي بئنڪ اڪائونٽس ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر، آصف زرداري ۽ ٻين کي نوٽيس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ مبينا جعلي اڪائونٽس تي پاڻمرادو نوٽيس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے