14 بدھ , نومبر 2018

باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي

حيدر بخش جتوئي سنڌ جو ديو مالائي ڪردار آهي : دانشور، ليکڪ
ڪامريڊ سنڌ جي زرعي سماج ۾ هارين جي خودمختياري جو حامي هو: جڳديش آهوجا
حيدر بخش اڄ جيئرو هجي ها ته نوشهري فيروز جهڙو واقعو نه ٿئي ها: امان الله شيخ
مظفر ڀُٽو قومي سياست ۾ اتساهه پيدا ڪيو: ”ٽيون رخ“ ۾ اظهار
(ڪراچي رپورٽر) ويهين صدي سنڌ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ شهيد الله بخش سومرو جهڙا ٻه عظيم ماڻهو پيدا ڪيا.ڪامريڊ سنڌ جو ديومالائي ۽ لازوال ڪردار آهي.ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيئرو هجي ها ته اڄ نوشهرو فيروز جهڙو واقعو نه ٿئي ها.ڪامريڊ جي وڇوڙي کان پوءِ هاري ڪاميٽي ۾ متبادل شخصيت پيدا نه ٿي سگهي. نصاب ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، الله بخش سومرو ۽ ڀڳت ڪنور رام جا مضمون شامل ڪيا وڃن.ڪامريڊ جو خاندان اڄ ڪامريڊ جي فڪر ۽ نظرئي کان پري بيٺو آهي. 40 واري ڏهاڪي ۾ سنڌ ۾ مذهبي منافقت پيدا ڪئي وئي، جنهن سنڌ کي تباهي کان سواءِ ڪجهه نه ڏنو. ذوالفقار ڀٽي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي محنت جو ڦل کاڌو.اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي ناليواري ليکڪ جڳديش آهوجا ۽ دانشور امان الله شيخ عوامي آواز ٽي وي جي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي تي ٿيل خاص پروگرام ٽيون رخ ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ليکڪ ۽ دانشور جڳديش آهوجا چيو ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سياسي جدوجهد کي تخليقي انداز ۾ پيش ڪيو.ڪامريڊ جيئي سنڌ ۽ هاري اڳواڻ طور مشهور ٿيو.ڪامريڊ طبقاتي ۽ قومي جدوجهد جو حامي هو. ڀٽي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي محنت جو ڦل کاڌو. سنڌ جي قومي شعور ۾ جي ايم سيد جو وڏو ڪردار هو. ڪيرت ٻاٻاڻي قومي ۽ طبقاتي جدوجهد کي گڏ کنيو.ڪامريڊ طبقاتي مورچو سنڀاليو ۽ جي ايم سيد قومي مورچو سنڀاليو. ڪامريڊ سنڌ جي زرعي سماج ۾ هارين جي خودمختياري جو حامي هو. نوشهرو فيروز واقعو خود مظلوميت جي هڪ دانهن آهي، جيڪا سياست حيدر بخش جتوئي ڪئي ان جا بنياد نئين سر رکڻا پوندا. ايڪهين صدي جي سياست تشدد جي واٽ تي نه هلي سگهندي. ڀڳت ڪنور رام، شهيد الله بخش سومرو کي هڪٻئي پٺيان شهيد ڪيو ويو. ليکڪ ۽ دانشور امان الله شيخ چيو ته حيدر بخش جتوئي هڪ دور انديش سياستدان هو. ان جي سياست جو مقصد هارين ۽ پورهتين جي حالت تبديل ڪرڻ هو. ڪامريڊ تي جهموري نه هجڻ جو الزام هنيو ويو پر ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جهموري عمل جو قائل هو.ڪامريڊ ان ڳالهه جي سخت خلاف هو ته سنڌ جون زمينون وڏيرن کي ڏيڻ بجاءِ هارين کي ڏنيون وڃن. ڪامريڊ جو خاندان اڄ ڪامريڊ جي فڪر ۽ نظرئي کان پري بيٺو آهي.ڪامريڊ کان پوءِ هاري تحريڪ ۽ نظرياتي سياست پنهنجي پڄاڻي تي پهتي. نصاب ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي الله بخش سومرو ۽ ڀڳت ڪنور رام جا مضمون شامل ڪيا وڃن.حشو ڪيول راماڻي پهريون ماڻهو هو جنهن چيو ته سنڌي هڪ قوم آهي.جي ايم سيد جي شخصيت تي حشو ڪيولراماڻي ۽ ڪيرت ٻاٻاڻي جو اثر هو. پاڪستان ڪميونسٽ پارٽي جو بنياد جئين ته ڪلڪتي ۾ پيو ان ڪري انهن وٽ سنڌ جي مسئلن جو ڪو حل نه هو ڇاڪاڻ ته ان وقت به سنڌ ۾ قومي سوال موجود هو.ڪامريڊ جو اهو خيال هو ته جيستائين قومي سوال سان گڏ طبقاتي مسئلن تي سياست نه ٿيندي تيستائين سنڌ پنهنجا سياسي مقصد ۽ منزل ماڻي نه سگهندي.ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جيئرو هجي ها ته اڄ نوشهرو فيروز جهڙو واقعو نه ٿئي ها. ڇاڪاڻ ته ڪامريڊ هارين ۽ مظلومن جو آواز هو. جنهن هارين ۽ پورهيتن کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو. سنڌ اڄ ايڪهين صدي ۾ پير پاتو آهي. اڄ جي سياسي ورڪر جو گذارو رڳو بيان بازي تي نه هلندو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هڪ عملي سياستدان هو، جيڪو هميشه ماڻهن سان گڏ بيٺو. 22 مئي شهيد مظفر ڀٽو جي شهادت جي حوالي سان هن چيو ته مظفر ڀٽو قومي سياست ۾ پنهنجي جان جو نظرانو ڏئي قومي سياست ۾ اتساهه پيدا ڪيو. جنهن کي قومي سياست ۾ هميشه ياد رکيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:غوثپور: ٽائون عملي جي لاپرواهي سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو

*غوثپور شهر ۾ ٽائون عملي جي لاپرواهي سبب شهر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے