20 منگل , نومبر 2018

نيوز | ڪنڌڪوٽ : کنڀي  گم ڪيل ڊاڪٽر  جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو

ڪنڌڪوٽ  ۾ 2 سال اڳ کنڀي  گم ڪيل ڊاڪٽر  جي آزادي لاءِ وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

نصيب الله کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ کنڀي گم ڪيل ڊاڪٽر فتح محمد کوسو جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ کنڀجي ويل ڊاڪٽر کي 2 سال 35 ڏينهن گذري چڪا آهن پر ڪوبھ ڏس پتو پئجي نھ سگهيو آهي.

هنن آءِ جي سنڌ  اي ڊي خواجھ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي تھ کنڀجي ويل ڊاڪٽر جي بازيابي کي يقيني بڻائي گهر جون خوشيون واپس ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: هاڻوڪي حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي جو سونامي آندو آهي: بلاول

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻين پارٽين جي سياست انهن تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے