14 بدھ , نومبر 2018

نيوز : ڄام ساقي جمهوريت لاءِ لازوال ڪردار ادا ڪيو: وڏو وزير

*وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڄام ساقي جمهوريت لاءِ  لازوال ڪردار ادا ڪيو، هُن ضياءَ ۽ ايوب جي دور ۾ آمريت کي للڪاريو ، اليڪشن ڪميشن تڪبندين واري معاملي تي عوام کي سهولتون فراهم ڪري..

 حيدرآباد ۾  کاٻي ڌر جي برک سياستدان ڄام ساقي جي پوئنرن سارنگ ڄام، سرواڻ ڄام، بختارو ڄام، اقبال ملاح ۽ ٻين سان عذرخواهي  ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير  چيو ته ڄام ساقي سموري ڄمار جمهوريت ۽ عوام کي ارپي ڇڏي هئي

 وڏي وزير چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو سان گڏ عوامي سياست ڪري نالو ڪمايو.

وڏي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن عوام کي سهولتون فراهم ڪري، اليڪشن ڪميشن جيڪي تڪبنديون ٺاهيندي انهن تي ئي ايندڙ چونڊون ٿينديون.

 وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪنهن به سياسي اڳواڻ مٿان جوتو اڇلائڻ  غير اخلاقي عمل آهي، جنهن جي هو مذمت ڪري ٿو.

 وڏي وزير چيو ته پير ميڊيڪل اسٽاف پروفيشنل الائونس جو مطالبو ڪري پيو ، جنهن سان سنڌ حڪومت مٿان 10 ارب رپين جو وڌيڪ بار پوندو ، انڪري پير ميڊيڪل اسٽاف کي ٻين صوبن جيان قانون مطابق سهولتون ڏئي رهيا آهيون

ان کان اڳ وڏي وزير سينٽرل جيل حيدرآباد جو دورو ڪيو  جڏهن  ته حسين آباد واري علائقي ۾ عبدالله سلام راجپوت سان سندس امڙ جي لاڏاڻي تي تعزيت پڻ ڪئي………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : حيدرآباد: الائينس ڪلب انٽرنيشنل ڊيسڪ پاران شگر جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ريلي

*حيدرآباد ۾  الائينس ڪلب انٽرنيشنل ڊيسڪ پاران شگر جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اولڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے