17 پیر , دسمبر 2018

پي سي بي جو ڪراچي ۾ عالمي ڪرڪيٽ ڪرائڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي ڪراچي جي شهرين کي وڏي خوشخبري ٻڌائيندي چيو آهي ته دوري تي ايندڙ ويسٽ انڊين ٽيم جون ٽئي ٽي 20 ميچون ڪراچي ۾ ڪرايون وينديون. نجم سيٺي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز پهرين کان چوٿين اپريل تائين کيڏي ويندي ۽ سيريز جون ٽئي ميچون ڪراچي ۾ کيڏيون وينديون. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي جو چوڻ هو ته ويسٽ انڊيز ڪراچي ۾ ميچون کيڏڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ان قدم جي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پڻ مڪمل حمايت ڪئي آهي، ويسٽ انڊين ڪرڪيٽ ٽيم کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي ٽئين ايڊيشن جي فائنل ميچ پڻ 25 مارچ تي ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿيندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عجيب مذاق آهي، جنهن جي دل چاهي ادارن کي گاريون ڏئي ٿو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج رمارڪس ڏيندي چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے