17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز : دڙو: اسڪول جي چوديواري اوچتو ڌماڪي سان ڊھي پئي ،شاگرد محفوظ

دڙي ۾ اسڪول جي چوديواري اوچتو ڌماڪي سان ڊھي پئي ،شاگرد معجزاڻي طور محفوظ رهيا.

گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ون جي چوديواري گذريل ڪيترن سالن کان مرمت نه ٿيڻ ڪري اوچتو ڌماڪي سان ڊھي پئي جڏھن ته شاگرد معجزاڻي طور بچي ويا.

ان موقعي تي اسڪول جي هيڊ ماستر گل حسن ملاح ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ اسڪول کي ڏنل چوديواري جي  20 سالن کان مرمت نه ٿي آھي جنهن ڪري ديوار ڪري پئي آهي.

هن تعليم کاتي جي صوبائي وزير  کان مطالبو ڪيو ته اسڪول جي جلد مرمت ڪرائي شاگردن کي امڪاني نقصان کان بچايو وڃي………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …