17 پیر , دسمبر 2018

هوائي فوج جي سربراهه سهيل امان کي آمريڪا جي اعليٰ ترين فوجي اعزاز سان نوازيو ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل سهيل امان کي سندس پيشور خدمتن جي اعتراف ۾ آمريڪي حڪومت طرفان اعليٰ ترين ملٽري ايوارڊ ليجن آف ميرٽ سان نوازيو ويو. ان سلسلي ۾ ائير هيڊ ڪوارٽرز ۾ سادي ۽ پروقار تقريب ٿي جنهن ۾ آمريڪي هوائي فوج جي سربراهه طرفان ڪمانڊر آمريڪي ايئر فورس سينٽرل ڪمانڊ ليفٽيننٽ جنرل جيفري ايل هيريجن هوائي فوج جي سربراهه کي اعزاز سان نوازيو. تقريب ۾ آمريڪي هوائي فوج جي چيف آف اسٽاف جنرل ڊيوڊ ايل گولڊ فين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اهو اعزاز هوائي فوج جي سربراهه کي سندس جرئتمند قيادت، دور انديشي ۽ دهشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ غير معمولي عزم ۽ استقلال، علائقائي ۽ عالمي امن ، استحڪام يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن جي اعتراف ۾ ڏنو ويو آهي. ايوارڊ هوائي فوج جي سربراهه طرفان ٻنهي ملڪن جي هوائي فوج وچ ۾ گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ جو اعتراف آهي. آمريڪي هوائي فوج جي سربراهه چيو ته ذاتي طور تي ايئر چيف مارشل سهيل امان طرفان ڪيل قدمن دهشتگردي خلاف عالمي جنگ جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. آمريڪي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل جيفري ايل هيريجن هوائي فوج جي سربراهه سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻنهي معزز شخصيتن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون  ڪيون. ملاقات دوران ايئر چيف ٻنهي هوائي فوجن وچ ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ لاءِ پنهنجو عزم ورجايو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب پنهنجو ڪم نه ٿي ڪري، ضروري آهي ته هر ڪم ۾ ٽنگ اڙائي: سپريم ڪورٽ

sاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ هڪ ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے