17 پیر , دسمبر 2018

سرڪاري اشتهارن ۾ نواز، شهباز، بينظير، عمران جا فوٽو لڳائڻ تي پابندي

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ سياسي شخصيتن جي تصويرن وارن اشتهارن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. چيف جسٽس پاڪستان گذريل ڏينهن پنجاب حڪومت جي ليپ ٽاپ ۽ هيلٿ ڪارڊ اسڪيم تي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف جي تصوير جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ سرڪاري اشتهارن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران خيبرپختونخواهه جو سڌُ سماءَ وارو سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿيو ته چيف جسٽس ان کان پڇاڻو ڪيو ته ڪي پي ڪي حڪومت پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ڪيترا اشتهار ڏنا؟ اهو ٻڌايو ته ڪيترن اشتهارن تي عمران خان ۽ پرويز خٽڪ جون تصويرون آهن؟ سڌُ سماءَ واري سيڪٽري عدالت کي ٻڌايو ته ٽي وي، اخبار، ريڊيو ۽ سوشل ميڊيا تي اشتهار ڏنا ويا، سوشل ميڊيا  کي ڪنهن قسم جون ادائيگيون ناهن ڪيون وينديون جڏهن ته وڏي وزير يا عمران خان جي تصوير اشتهار ۾ ڏيڻ واري پاليسي ناهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اخبارن جي اشتهارن کي بند ناهيون ڪري رهيا، اخبارن جي اشتهارن جي هڪ ڪيٽگري کي بند ڪري رهيا آهيون، سياسي تصوير وارا اشتهار بند ٿيندا. چيف جسٽس پاڪستان ڪي پي ڪي جي سڌُ سماءَ واري سيڪريٽري  کان پڇاڻو ڪيو ته گذريل هڪ مهيني ۾ اشتهارن جي مد ۾ ڪيترا پيسا خرچ ڪيا ويا؟ جنهن تي هن ٻڌايو ته گذريل ٽن مهينن ۾ 20 ڪروڙ 47 لک رپين جا اشتهار ڏنا ويا ۽ پي ٽي آءِ حڪومت ۾ هن وقت تائين 1 ارب 63 ڪروڙ رپين جا اشتهار ڏنا ويا.  سڌُ سماءَ واري سيڪريٽري جو چوڻ هو ته ڪي پي ڪي صوبي جي پاليسي جي تحت وڌ کان وڌ اشتهار ذاتي مشهوري جي لاءِ ناهن هوندا، اشتهار عوامي سهولتن ۽ منصوبن بابت ڄاڻ تي ٻڌل هوندا آهن. ان تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان کي حلفي بيان ڏيو ته ڪنهن ليڊرشپ جي تصوير نه لڳائي ويندي، جيڪڏهن ڪوڙو حلفي بيان مليو ته ايڪشن وٺنداسين ڇو ته توهان رياست جا ملازم به آهيو، اهي اشتهار کڻي اچو جن تي عمران خان ۽ پرويز خٽڪ جون تصويرون هيون،  سياسي شخصيتن جي  اشتهارن تي تصويرون هونديون ته ذميوار اوهان هوندا. چيف جسٽس ڪي پي ڪي جي سڌُ سماءَ واري سيڪريٽري کان هڪ سال جي اشتهارن جا تفصيل طلب ڪندي اڄ تائين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. سڌُ سماءِ واري سيڪريٽري عدالت کي سڀاڻي 3 مهينن جا تفصيل ڏيڻ جي خاطري ڪرائي. چيف جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ هو ته سياسي مهم جي اجازت نه ڏينداسين، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير ۽ عمران خان جون تصويرون لڳائڻ بند ڪريو، اشتهارن جي مهم تي لڳل پيسا قومي ناڻي جا آهن. چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته اسان کي اشتهارن سان ڪو به مسئلو ناهي، ذاتي مشهوري  نه ٿيڻ گهرجي، بينظير ڀٽو، سنڌ جي وڏي وزير ۽ بلاول ڀٽو جون تصويرون به نه لڳڻ گهرجن. چيف جسٽس چيو ته 1970ع کانپوءِ هن ڀيري چونڊون صاف ۽ شفاف ٿينديون، ڪامورن تي پيل ڪم صوبن کي منتقل ڪري ڇڏينداسين. جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته ظاهري طور ڪي پي ڪي جا اشتهار ذاتي نه پر خدمتن بابت آهن. چيف جسٽس چيو ته ڏسي وٺنداسين ته ذاتي تشهير جي ريڪوري ڪنهن کان ڪرڻي آهي، ڇو نه اليڪشن ڪميشن کي پارٽي فنڊ جي آڊٽ جو چئون. عدالت ٻڌڻي هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.113041

هي به ڏسي سگهو ٿا

خادم رضوي جي ڪوٽ لکپت جيل ۾طبيعت خراب، اسپتال منتقل

لاهور ( م ڊ ) تحريڪ لبيڪ جي سربراهه خادم حسين رضوي جي ڪوٽ لکپت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے