17 پیر , دسمبر 2018

نواز ليگ کي شڪست، مخالف ڌر جو صادق سنجراڻي سينيٽ چيئرمين، سليم مانڊوي والا ڊپٽي چيئرمين

اسلام آباد (رپورٽ: حفيظ چنا) سينيٽ چيئرمين جي چونڊن ۾ حڪمران نواز ليگ کي شڪست ٿي وئي. پ پ ۽ پي ٽي آءِ جو نامزد ڪيل اميدوار صادق سنجراڻي سينيٽ چيئرمين ٿي ويو. حڪمران ليگ جو راجا ظفرالحق هارائي ويو. حڪمران اتحاد مسلم ليگ (ن) راجا ظفرالحق کي سينيٽ چيئرمين نامزد ڪيو ۽ عثمان ڪاڪڙ کي ڊپٽي چيئرمين نامزد ڪيو. پ پ سميت مخالف ڌر هڪ ڏينهن اڳ ئي صادق سنجراڻي کي اميدوار نامزد ڪري چڪيون هيون. پي ٽي آءِ پ پ جي سليم مانڊوي والا کي ڊپٽي چيئرمين نامزد ڪيو. نواز ليگ ۽ اتحادين جو اميدوار راجا ظفر الحق 11 ووٽن تان شڪست کائي ويوآهي، سينيٽ جو اجلاس پرزائيڊنگ آفيسر سردار يعقوب ناصر جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن پهرين سينيٽ چيئرمين جي چونڊ جي لاءِ طريقيڪار جو اعلان ڪيو، سيڪريٽ بيلٽ ذريعي چونڊ جي لاءِ سينيٽ هال جي کاٻي پاسي کان پولنگ بوٿ قائم ڪيو ويو، جڏهن پولنگ جي ڪارروائي سيڪيريٽري سينيٽ هلائي جنهن هڪ هڪ ڪري سينيٽر کي سڏايو جيڪو ووٽ ڪاسٽ ڪندو ويو، ٻن ڪلاڪن جي ڪارروائي ۾ هر ميمبر الڳ الڳ بوٿ ۾ وڃي ووٽ پنهنجي من پسند اميدوار کي ڏيندو رهيو،آخر ۾ پرائزيڊنگ آفيسر نتيجن جو اعلان ڪيو، جنهن مطابق پيپلز پارٽي، تحريڪ انصاف ۽ آزاد گروپ جو آزاد ميمبر صادق سنجراڻي ڪامياب ٿي ويو، سينيٽ جي ڪل 104 ميمبرن مان 103 ووٽ ڪاسٽ ٿيا جن مان ڪو به ووٽ رد نه ٿيو جڏهن ته 103 مان آزاد اميدوار صادق سنجراڻي 57 ووٽن جي اڪثريت سان سينيٽ جو ٽن سالن جي لاءِ چيئرمين چونڊجي ويو آهي، جڏهن سندس مقابلي ۾ نواز ليگ، پشتونخواه پارٽي، نيشنل پارٽي ۽ ٻين اتحادين جي اميدوار راجا ظفرالحق 46 ووٽ کنيا،صادق سنجراڻي جي ڪاميابي کانپوءِ پرزائيڊنگ آفيسر سردار يعقوب ناصر کيس نئين چيئرمين طور حلف کڻايو، انهي کانپوءِ هن سينيٽ جي چيئرمين جي سيٽ سنڀالي، جڏهن ته نئين چيئرمين صادق سنجراڻي پنهنجي نگراني ۾ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ ڪرائي انهي دوران به ساڳيو طريقيڪار اختيار ڪيو ويو هر ميمبر هڪ هڪ ڪري سينيٽ جي چونڊ دوران ووٽ وجهندو رهيو انهي کانپوءِ چيئرمين صادق سنجراڻي ڊپٽي چيئرمين جي ڪاميابي جو اعلان ڪيو، ڊپٽي چيئرمين جي لاءِ  پيپلز پارٽي جو سليم مانڊي والا 54 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي عثمان ڪاڪڙ 44 ووٽ حاصل ڪيا، ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا کي چيئرمين صادق سنجراڻي عهدي جو حلف کڻايو. ان کان اڳ سينيٽ جي 52 چونڊيل ميمبرن حلف کڻي ورتو، سومر ڏينهن سينيٽ جو اجلاس پينل آف پرزائيڊنگ آفيسرز جي ميمبر سردار يعقوب خان ناصر جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ 52 نون چونڊيل سينيٽرن حلف کنيو ۽ ان کانپوءِ رول آف ميمبرز تي صحيحون ڪيون، پينل آف پرزائيڊنگ آفيسرز جي ميمبر سردار يعقوب خان ناصر نون چونڊيل ميمبرن کان حلف ورتو، ان موقعي تي ايوان جي ميمبرن ڊيسڪون وڄائي نون چونڊيل ميمبرن جي ڀرپور آجيان ڪئي، حلف کڻڻ وارن ۾ سينيٽر حافظ عبدالڪريم، سينيٽر عابده محمد عظيم، سينيٽر احمد خان، سينيٽر انور لال دين، سينيٽر ڊاڪٽر اسد اشرف، انور الحق ڪاڪڙ، آصف ڪرماڻي، بحرمند، دلاور خان، فيصل جاويد، فدا محمد، مولوي فيض محمد، هارون خان، هدايت الله، هلال الرحمان، امام الدين شوقين، ڪامران مائيڪل، ڪهدا بابر، ڪيشو ٻائي، رانا محمود الحسن، رانا مقبول احمد، مهرتاج روغاني، مرزا محمد آفريدي، چوڌري محمد سرور، مولا بخش چانڊيو، سينيٽر محمد اڪرم، محمد علي شاهه ڄاموٽ، اسد علي خان جوڻيجو، سينيٽر محمد ايوب، محمد اعظم خان سواتي، محمد فروغ نسيم،سيد محمد صابر شاهه، محمد صادق سنجراڻي، سردار محمد شفيق ترين، محمد طاهر بزنجو، محمد طلحه محمود، مصدق ملڪ، مشاهد حسين سيد، مشتاق احمد، مصطفيٰ نواز کوکر، سيد مظفر حسين شاهه، نصيب الله بازئي، نزهت صادق، قرت العين مري، رضا رباني، روبينه خالد، رخسانه زبيري، سعديه عباسي، ثناءُ جمالي، شاهين خالد بٽ، شميم آفريدي ۽ ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو شامل آهن.033041

هي به ڏسي سگهو ٿا

خادم رضوي جي ڪوٽ لکپت جيل ۾طبيعت خراب، اسپتال منتقل

لاهور ( م ڊ ) تحريڪ لبيڪ جي سربراهه خادم حسين رضوي جي ڪوٽ لکپت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے