17 پیر , دسمبر 2018

ورون ڌون جي فلم ”آڪٽوبر “ جو پهريون ٽريلر جاري

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ ايڪشن ۽ مزاحيه اداڪار ورون ڌون اڄ ڪلهه پنهنجي نئين فلم ”سوئي ڌاگا“ جي شوٽنگ مصروف . پر سندس هڪ ٻي ٽريجڊي رومانوي فلم ”آڪٽوبر“ جو پهريون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي. فلم ۾ پهريون ڀيرو ورون ڌون ٽريجڊي رومانوي هيرو جو ڪردار ادا ڪندو، ساڻس گڏ بنيتا سندهو مُک ڪرادار ادا ڪندي نظر ايندي. بينتا سندهو جي اها ڊبيو فلم آهي، جنهن ۾ هو نه رڳو ورون ڌون جي محبوبا جو ڪرادر ڪندي پر سندس هم ڪلاس ڇوڪريءَ جو ڪردار پڻ ادا ڪندي. فلم جي هدايتڪاري شوجت سرڪار ڏئي رهيو آهي جنهن جي ڪريڊٽ تي ”يهان“ ”پنڪ“ ۽ ”مدراس ڪيفي“ جهڙيون ڪامياب فلمون آهن. جئين ته فلم ”آڪٽوبر“ جي ڪهاڻي فڪشن تي ٻڌل آهي پر ان باوجود فلم جي ٽيم جو چوڻ آهي ته هن فلم جي  ڪهاڻي حقيقي واقعن کان متاثر ٿي ٺاهي وئي آهي. فلم جي جاري ڪيل ٽريلر ۾ ورون ڌون ۽ بنيتا سندهو پنهنجي ٻين ڪلاس فليوز سان فائيو اسٽار هوٽل ۾ مينيجمنٽ جي پريڪٽس ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. فلم متاثر ڪندڙ ڊائلاگ سان گڏوگڏ حساس پڻ آهن، جڏهن ته فلم جي سين کي فلمائڻ ۾ به رومانوي جذباتن جو خاص خيال رکيو ويو آهي. اڍائي منٽن جي ٽريلر مان فلم جي ڪهاڻي کي سمجهڻ ناممڪن آهي، پر ان باوجود ٽريلر ۾ ورون ڌون جي هم ڪلاس بنيتا سندهو کي هوٽل مينيجمنٽ جي پريڪٽس جي دوران ئي ڪنهن بيماري سبب انتهائي نگهداشت(آءِ سي يو) جي وارڊ منتقل ٿيندي ڏيکاريو ويو آهي. هوٽل مينيجمنٽ جي پريڪٽس سان اسپتال جي آءِ سي يو ۽ ٻنهي هم ڪلاسين جي جهڙي ۽ محبت جي وچ ۾ هلندڙ ”آڪٽوبر“ جي ڪهاڻي جو ڪلائمڪس ڇا هوندو اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ڪهاڻي کي سمجهڻ لاءِ فلم جي رليز جو انتظار ڪرڻو پوندو. فلم جي ٽريلر ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ”آڪٽوبر“ پريم ڪهاڻي نه پر محبت جي ڪهاڻي آهي، فلم ايندڙ مهيني 13اپريل تي ريليز ڪئي ويندي

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shakira charged with $16 million tax evasion in Spain

مشهور گلوڪارا شڪيرا تي ٽيڪس چوري جو الزام

ميڊرڊ ( شوبز نيوز  ) اسپين جي پراسيڪيوٽر مشهور ڳائڻي شڪيرا تي ٽيڪس چوري جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے