17 پیر , دسمبر 2018

غزا پٽي ۾ فلسطيني وزيراعظم جي قافلي ڀرسان ڌماڪو

غزا (ويب ڊيسڪ) فلسطيني وزيراعظم رامي حمدالله جي قافلي ڀرسان هڪ ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن ۾ 7 ڄڻا معمولي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته رامي حمدالله محفوظ رهيو. اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪو ان وقت ٿيو، جڏهن فلسطيني وزيراعظم غزا پٽي جي دوري لاءِ ان علائقي ۾ پهتو. ڌماڪي ۾ حمدالله کي ڪو نقصان نه پهتو. فلسطيني ميڊيا موجب صدر محمود عباس ان ڌماڪي کي حمد الله جي قافلي تي هڪ بزدلاڻو حملو قرار ڏنو آهي. واضح رهي ته غزا پٽي جو انتظامي ڪنٽرول حماس وٽ آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ احتجاج ڪندڙن جي پٿراءَ جو جواب گولي سان ڏينداسين: ڀارتي آرمي چيف

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي آرمي چيف جنرل بپن راوت چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے