17 پیر , دسمبر 2018

چوڌري شجاعت ن ليگ کي ڪالعدم جماعت قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ق جي صدر چوڌري شجاعت چيو آهي ته جيڪو هڪ ڀيرو بگڙجي ويو، اهو ٻيهر ناهي سڌرندو، شهباز شريف جي صدر بڻجڻ سان ن ليگ جي رويي ۾ ڪا بهتري نه ايندي. هن ن ليگ کي ڪالعدم جماعت قرار ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چوڌري شجاعت چيو ته اسان گار گند جي سياست ناهيون ڪندا، سپريم ڪورٽ ۽ فوج خلاف ڳالهائڻ مناسب ناهي، اهڙي ڳالهه ٻولهه بند ڪرڻ ڏکيو ناهي. شهباز شريف جي پارٽي صدر بڻجڻ تي چوڌري شجاعت چيو ته ان فيصلي سان ن ليگ جي رويي ۾ بهتري نه ايندي، جيڪو هڪ دفعو بگڙجي وڃي اهو ٻيهر ناهي سڌرندو. سندس چوڻ هو ته صادق سنجراڻي جي سينيٽ چيئرمين بڻجڻ سان بلوچستان جي احساس محرومي گهٽجندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجاب جي قانون واري وزير جي سرڪاري اسپتال جي ايم ايس کي ڌمڪين جي آڊيو وائرل

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت جي هڪ آڊيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے