22 پیر , اکتوبر 2018

سعودي عرب ۾ 1671 پاڪستاني سيڪيورٽي اهلڪار مقرر آهن: بچاءَ واري وزارت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزارت چيو آهي ته ٻاهرين ملڪن ۾ مقرر پاڪستاني عسڪري ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن مان سڀ کان وڌيڪ انگ سعودي عرب ۾ آهي، انگن اکرن موجب سعودي عرب ۾ ڪُل 1671 پاڪستاني عسڪري ۽ سيڪيورٽي اهلڪار مقرر آهن، جن مان 912 سعودي جي بچاءَ واري وزارت، جڏهن ته 759 گهرو وزارت تحت فرض انجام ڏئي رهيا آهن. قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرايل هڪ جواب ۾ بچاءَ واري وزارت ٻڌايو آهي ته سعودي عرب ۾ مقرر اهلڪارن مان 1395 فوج، 164 بحريا ۽ 112 فضائيا سان واسطو رکن ٿا. اهي اهلڪار گڏيل ٺاهه ۽ معاهدن تحت سعودي عرب ۾ مقرر آهن، سعودي عرب کانسواءِ 629 پاڪستاني سيڪيورٽي اهلڪار قطر، جڏهن ته 66 گڏيل عرب امارتن ۾ مقرر آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے