17 پیر , دسمبر 2018

آرمي چيف سان ڪرغستان جي چيف آف جنرل اسٽاف جي ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ڪرغستان جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل رعيم بردي ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران علائقائي سيڪيورٽي صورتحال سميت ٻه طرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ڪرغستان جي چيف آف جنرل اسٽاف ميجر جنرل رعيم بردي جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران علائقي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻه طرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کان اڳ جي ايڇ ڪيو پهچڻ تي ڪرغستان جي چيف آف جنرل اسٽاف کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجاب جي قانون واري وزير جي سرڪاري اسپتال جي ايم ايس کي ڌمڪين جي آڊيو وائرل

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت جي هڪ آڊيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے