13 جمعرات , دسمبر 2018

ملڪي سياست ۾ وڌندڙ انتهاپسندي

مدد علي سنڌي

پاڪستان جي سياست ۾ انتها پسنديءَ  جو عنصر ڏينهون  ڏينهن  زور ٿي رهيو آهي- خاص طرح مذهبي گروهن کي هڪ وڏي عرصي کان وٺي هٿرادو ساهه ڪجهه مسلمان ملڪن جي پئسي جي بنياد تي داخل ڪري کيس طاقتور ڪيو ويو آهي. بهرحال اهو هڪ انتهائي خطرناڪ رجحان آهي. بدقسمتيءَ سان ڪيترين سياسي پارٽين به پنهنجون نيم فوجي ونگون ٺاهي، تشدد کي زور وٺرايو آهي- سياسي جلسن ۾ نازيبا زبان ڳالهائي ڪارڪنن کي ڀڙڪايو ٿو وڃي. ڪجهه مذهبي اڳواڻ جلسن ۾ اهڙي خوفناڪ زبان استعمال ڪن ٿا. جنهن جو مثال ڏيڻ به هتي مناسب نٿو لڳي ۽ وڏي ڳالهه ته لاهور ۽ ڏکڻ پنجاب، توڙي سنڌ جو شڪارپور ۽ لاڙڪاڻو ضلعو ان مسئلي طرف وڌي رهيو آهي. ڪراچي ۾ لاهور ۾، پشاور ۾، ڪوئيٽا ۾، ۽ اسلام آباد ۾، اهي انتها پسند زور ٿيا آهن،جن ۾ هڪ طرف خود حڪومتن جو، ته ٻئي طرف سياسي جماعتن ۾ مذهبي تنظيمن جوبه وڏو هٿ شامل آهي.

لاهور جي ديني درسگاهه جامع نعيميه ۾ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف تي هڪ يا ٻن مدرسي جي شاگردن بُوٽ اڇلائي هنيو. اهو جوتو هن جي ڪنڌ تي لڳو، جنهن جي ڪري ميان صاحب سڄو ڏڪي ويو. هن افسوسناڪ ۽  ڏکوئنيندڙ عمل تي جيترو به ڏک ڪجي، مذمت ڪجي، اهو گهٽ آهي.

واضع رهي ته هن واقعي کان اڳ پرڏيهي وزير خواجا آصف کي پنهنجي ئي هڪ تڪ ۾ هڪ شخص کيس مس اڇلائي هنئي ۽ ان کان اڳ وفاقي وزير احسن اقبال تي پڻ جُوتو اڇلايو ويو هو- اهي سمورا عمل ، هڪ سوچ کي ثابت ڪن ٿا. ۽ وڏي ڳالهه ته اهي واقعا انفرادي هوندي به انهن جي پويان هڪ سوچ ڪارفرما  ضرور آهي. اهو رد عمل به ان مذهبي انتها پسندي جو آهي، جنهن کي هڪ مخصوص مذهبي رهنما هوا ڏيئي رهيا آهن.

ياد رهي ته پاڪستان ۾ ديني مدرسن جو تعداد هزارن ۾ آهي، هڪ تحقيق موجب پاڪستان ۾ 43 سيڪڙو ماڻهو اڄ به مذهبي بنيادن تي پنهنجي ٻارن کي مدرسن ۾ تعليم لاءِ اماڻن ٿا- ۽ ان جو هڪ وڏو سبب غُربت آهي- اهڙو ساڳيو حال پنجاب ، سنڌ،بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جو به آهي- سياسي مبصر چون ٿا ته موجوده حڪومت جنهن جو سربراهه ميان نواز شريف هو، ۽ هاڻ خاقان عباسي آهي، اڃا تائين صحيح معنيٰ ۾ نيشنل پلان ايڪشن تحت پيش رفت نه ڪري سگهيا آهن. نتيجي ۾ نيشنل پلان جي گهٽتائي سبب دهشت گردي ۽ مذهبي انتها پسندي ۾ اضافو اچي رهيو آهي- ۽ وڏي ڳالهه ته نيشنل ايڪشن پلان جيڪو هڪ مرڪزي حيثيت رکندڙ هو، ان جي خامين کي دور نه ڪرڻ سبب ڪيترائي مسئلا وڌي ويا آهن.هن وقت  صورتحال اها آهي ته ملڪ جي رٿا بندي موجود ڪونهي، فقط خيبرپختونخواهه جهڙي صوبي ۾  ٽن هزارن کان  به وڌيڪ مدرسا موجود آهن، جڏهن ته سموري ملڪ ۾ رجسٽرڊ مدرسن  جو تعداد 17،592 آهن، جن ۾  1420260 شاگرد زير تعليم آهن. انهن مدرسن ۾ 76852 استاد ۽ 34783 عملو ڪم ڪري ٿو. هڪ رپورٽ آهي ته پاڪستان ۾ اهڙا مدرسا بند ٿيڻ گهرجن، جتي انتها پسندي جا سبق ڏنا ٿا وڃن. آمريڪي ڪانگريس جي پرڏيهي معاملن واري هڪ ڪميٽي ته  ٻه ٽي سال اڳ اها رپورٽ ڏني هئي ته پاڪستان ۾ خاص طرح خليجي ملڪن مان ايندڙ  پئسن تي هلندڙ مدرسا، دهشت گردي جي رجحان کي هٿي ڏيئي رهيا آهن- ۽ هاڻ اهو خوفناڪ مسئلو  ٿي ويو آهي. هن ملڪ لاءِ ۽ ان تي ڪنٽرول نه ٿيڻ سبب ملڪ ۾ غير اخلاقي عمل جا مثال آڏو اچي رهيا آهن.

دراصل سياست ۾ شرافت، تحمل، برداشت ۽ بردباري اصولي سياست جي مروج ۽ بنيادي گهرج آهي، بدقسمتيءَ سان اسان وٽ خود ڪيترن سياستدانن شرافت جو اصول کان هٿ کڻي ويا. نتيجي ۾ هڪ عجيب ۽ غريب ماحول برپا ٿي ويو آهي. ڪيترن ٽي وي چئنلن تي سياسي ٽاڪ دوران، اڪثر سياستدانن کي هڪ ٻئي جي گريبان ۾ هٿ وجهندي ڏٺو ويو آهي، جڏهن ته کين ڇيڙيندڙ نام نهاد ٽي وي اينڪر پنهنجي چئنلن جي مشهوري  ۽ ريٽنگ وڌائڻ لاءِ اهو کيل تماشو جاري رکندا پيا اچن ۽ انهيءَ نام نهاد سياسي به اخلاقيءَ جو مظاهرو اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف سان مدرسي جامعه نعيميه ۾ ڏٺو ويو. اهو واقعو اسان جي ملڪ ۾ عدم برداشت ۽ بد اخلاقي جو افسوسناڪ عمل ظاهر ڪري ٿو- پاڪستاني سياست ۾ عدم برداشت جو هي سڀ کان وڏو واقعو آهي پر ڇا ڪجي ڪنهن ملڪ ۾ دنيا جي عظيم سياسي قائد، محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪري سگهجي ٿو، ان ملڪ ۾ هاڻ سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو.پاڪستان جي سياست اڳوڻي وزير اعظم لياقت علي خان، جي قتل کان به وڌيڪ محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي قتل جو واقعو هن ملڪ جي سياسي تاريخ جو هڪ بد نما داغ آهي ۽ اهو داغ ڪڏهن به نٿو لهي سگهي- هن ملڪ جي سياسي تاريخ تان- بهرحال پاڪستان جي سياسي، ۽ مذهبي، ڪلچر هن قسم جي انتها پسندي جو هاڻ ڪنهن به ريت متحمل نٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن پاڻ هتي اها ڳالهه چئون ته ڇا اسان جو پيارو مذهب اسلام هن قسم جي واقعن جي اجازت ڏيئي ٿو. خود مدرسن ۾ پيغمبر اسلام حضرت محمد رسول صلي الله عليه وسلم جي حيات النبي چڱيءَ ريت مدرسن ۾ پڙهندڙ شاگردن کي پڙهائڻ گهرجي، ته جيئن کين خبر پوي ته  پاڻ حضور جن، ڪهڙي ريت ۽ ڪيئن مخالفن کي پنهنجي محبت ۽ سهڻي سلوڪ سان پنهنجو ڪيو. حيا ت الني، اڄ به 1400 سالن بعد ۾ اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي ۽ رهندي. هتي  ياد رکڻ گهرجي ته سياست ۾ اختلاف رکڻ خود جمهوري عمل جو هڪ سهڻو طريقو آهي، جنهن کي برداشت ڪرڻ گهرجي، سياست ۾ زبان جو غلط استعمال به انتها پسندي جي راهي هموار ڪري ٿو. سياستدان پنهنجي جلسن ۾ مخالفن کي تختن تي الٽو لٽڪائڻ، جهڙيون ڳالهيون ڪري خود انتها پسندي واري راهه طرف ماڻهن کي وٺي وڃن ٿا. جيڪڏهن هو پاڻ يعني سياستدان پنهنجي ٻولي، بهتر رکن، شائستگي جو دامن پنهنجي هٿن مان نه ڇڏين، ته هن قسم جا واقعات هر گز رونما نه ٿين. اهو به نه وسارڻ گهرجي ته هن ملڪ ۾ عمل جو رد عمل ضرور ٿئي ٿو ۽ ان رد عمل لاءِ به تيار رهڻ گهرجي،جيڪڏهن ڪا غلط روايت وڌي وڃي ته ان جو مڪافات عمل ضرور ٿيڻو آهي، هن وقت جڏهن ملڪ ۾ سينيٽ جون چوندون، ويندي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين  جي چونڊ به خير خوبيءَ سان ٿي گذري آهي، ۽ ڪجهه مهينن لاءِ پاڪستان عام چونڊن ڏانهن تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي، ته پوءِ لازمي آهي ته ملڪ ۾ برداشت ڪرڻ  جو جذبو پاڻ ۾ آندو وڃي. عدم برداشت جو  عمل ملڪ ۾ انارڪي جي خوفناڪ باهه ڀڙڪائي سگهي ٿو.  جيڪڏهن  عمل ۾ برداشت جو مظاهرو نه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ وڏو ممڻ مچڻ جو امڪان رهندو. سياسي اختلاف ڀلي رکيا وڃن، پر سياست ۾ گار گند، ۽ هڪ ٻئي جي خلاف ڪريل زبان استعمال  ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي. هڪ راءِ اها آهي ته ملڪ ۾ هن وقت سمورين سياسي جماعتن کي گڏ ٿي هڪ سياسي ضابطه  اخلاص تيار ڪرڻ گهرجي، ان ۾ ضابطي تحت ايندڙ اليڪشن ۾ ضرور عمل ڪن- بلڪ حڪومتون يعني وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون به هن سلسلي ۾ ضرور تحرڪ وٺن. ۽ لاهور جهڙن واقعن جو نوٽيس وٺي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ  تيار ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن انتها پسندي جي هي روايت  اڳتي هلي، ته پوءِ ڀڙڪيل باهه جي شعلن کان ٻيو ڪو به ماڻهو محفوظ نه رهي سگهندو. ان ڪري سياسي تحمل، بردباري، برداشت جو ڪلچر اختيار ڪيو وڃي، ته سڀني جو هن ڳالهه ۾ فائدو آهي- هر سياسي جماعت ۽ هر سياسي رهنما پنهنجي پنهنجي حد ۽ دائري ۾ رهي- محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته خود ڪجهه سياستدان حضرات ملڪ ۾ ادارن،۽ عدالت جي خلاف سخت ڳالهيون پاڻمرادو ملڪ کي گهرو لڙائي طرف وٺي وڃي رهيا آهن- وري به اها ڳالهه ورجايون ٿا ته ملڪ لاءِ مذهبي شدت پسندي، انتها پسندي، سخت هاڃيڪار آهن.

آخر ۾ اها ڳالهه ضرور چونداسين ته سمورين سياسي پارٽين، مذهبي گروپن کي پنهنجي پنهنجي ڪارڪنن کي سياسي اخلاق جي تربيت ضرور ڏيڻ گهرجي ۽ ويندي سمورن سياسي اڳواڻن کي پنهنجي تقريرن ۾ لفظن جو غلط استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته گرم جذباتي ۽ جوشيلي تقريرون وقت طور تي ٻڌندڙن کي جوش ۾ آڻي، انهن کي مڇرائڻ تي مجبور ڪن ٿيون. بدقسمتيءَ سان هن ملڪ ۾سياسي جماعتن جو اولين مقصد فقط ۽ فقط اقتدار جا حاصلات ٿي ويو آهي. ۽ ان اقتدار جي حاصلات لاءِ هو طرحين طرحين غلط طريقا، غلط بياني کان ڪم وٺندي نه نٿا مڙن.پاڪستان جي سياست جي اها خرابي آهي ته هن ملڪ ۾ سياست کي اقتدار جي حاصلات ئي سڀ ڪجهه ٿي وڃي ٿو. ۽ نتيجو: اهڙي ماحول ۾ پوءِ جيڪي ڪجهه ٿيندو آهي،  اهو سڀ ڪجهه اوهان جي آڏو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي ڪابينا جي وزيرن سان گڏجاڻي

ربنواز راز  ڄامڙو اڄ ڪالھه جيڪي ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ ملن پيون انهن ۾ چسڪو ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے