13 جمعرات , دسمبر 2018

سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابيءَ جون مبارڪون ڪنهن کي ڏجن

سارنگ منير سومرو

ملڪي سياست جي وهندڙ واپار  ۾ ڪنهن ڏاهي جو مثال ڏيڻ به ڏاهپ نه آهي پر هڪ ڏاهي جي قول جو ذڪر ڪرڻ کانسواءِ به ڪالم اڻپورو   پيو  محسوس ٿئي انهي لاءِ هڪ ڏاهي جو اهو قول هن معذرت سان لکان  ٿو، جنهن ڏاهي اهو چيو هو ته ”هن ڌرتيءَ تي اوهان جا ٻه دوست آهن هڪ اهو دوست جيڪو اوهان جو دوست آهي ٻيو اهو جيڪو اوهان جي دشنمن جو دشمن آهي“ ڪالهه سينيٽ واري اليڪشن جي نتيجي کانپوءِ مونکي اهو بلڪل محسوس ٿيو ته اسان جي ملڪي سياست ۾ ڀل ڪوئي ڪنهن جو نه هجي پر دشمن جو دشمن اهو ڪم ڪري ڏيکاري ٿو جيڪو دوست کي ڪرڻ به مشڪل ٿو لڳي عمران خان ۽ آصف زرداري اتحاد ڀلا ڪنهن کي سمجه ۾ آيو گهمائي ڦيرائي عوام جي اکين ۾ چونو وجهي ، اهو ئي ڪيو ويو جيڪو عمران خان ۽ زرداريءَ چاهيو،  هو ڀلي هڪ ٻئي جي شڪل ڏسڻ به پسند نه ڪندا هجن پر هنن پنهجي سياسي دشمن کي مات ڏيڻ لاءِ پنهنجي دوستيءَ جو اهڙو سفر شروع ڪيو جنهن جي پردي پٺيان اهو سڀ ڪجهه ٿيو جيڪو انهن کي ڪرڻو هو انهي دوستي پٺيان ڀلي هن پارليامينٽ پارٽين ۽ جمهوريت جو تقدست کي به  پائمال ڪيو پر انهن کي اهو به نظر نه آيو ، هنن کي صرف اهو پئي نظر آيو ته سينيٽ جي چيئرمين جي سيٽ ڀلي اسان جي حصي ۾ به نه اچي پر اها سيٽ انهي نواز شريف حوالي به نه ڪنداسين جيڪو نواز شريف اڄ ڪله انهيءَ سياسي زوال ڏانهن وڌي رهيو آهي جيڪو سياسي زوال اسان  جي ملڪ جي هر سياسي اوج کي نصيبن ۾ ملندو آهي.

ٽيون ڏينهن  واري سينيٽ چونڊن ۾ اهو سينيٽ چيئرمين چونڊيو ويو آهي  جنهن جي هڪ سيٽ هئي ۽ آزاد اميداو هو انهيءَ آزاد اميدوار 57 ووٽ کڻي سينيٽ چيئرمين طور ڪاميابيءَ جي منزل ماڻي آهي نئين چيئرمين صادق سنجراڻيءَ جي سينيٽ چيئرمين جي چونڊجي وڃڻ کانپوءِ انهي کي مبارڪون ڏيڻ جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي انهي مبارڪن واري سلسي ۾ سوچڻ جي ڳالهه آها آهي ته اسان جا پارٽي اڳواڻ انهي چيئرمين جي چونڊجي وڃڻ جون مبارڪون ڪنهن کي ڏئي رهيا آهن جنهن چيئرمين جي نه ڪا پارٽي آهي نه ڪو هن کي ڪنهن پارٽيءَ ۾ عهدو آهي ڇا اهڙي صورتحال ۾ اسان جي ملڪي سطح جي پارٽين جي لاءِ سوچڻ جو مقام نه آهي جو هڪ آزاد اميدوار سينيٽ چيئرمين ٿي ويو ۽ اسان جي ملڪ ۾ ملڪي سطح جي پارٽي هجڻ جو دعويدار پارٽيون تاڙيون وڃائڻ ۾ پوريون هيون، انهي معاملي ۽ صورتحال بابت  تجزئي نگارن جي راءِ آهي ته سينيٽ ۾ ڪالهه جيڪي چونڊون ٿيون تن ۾ حقيقي مقابلو اڳوڻي اسٽيبلشمينٽ ۽ هاڻوڪي اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ٿيو هو جنهن ۾ اڳوڻي اسٽيبلشمينٽ کي شڪست ملي آهي. اهڙي قسم جو تجزيو ڪندڙ حلقن جو چوڻ آهي ته نواز شريف کان وٺي راجا ظفر الحق تائين يا حاصل بزنجي کان وٺي مشاهد حسين سيد تائين سڀني جو واسطو اڳوڻي اسٽيبلشمينٽ سان ئي هو جيڪا گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ اقتدار جي ڪرسين تي پنهنجا ماڻهو ويهاريندي رهي هئي ۽ هن ڀيري هاڻوڪي اسٽيبلشمينٽ اڳوڻي اسٽيبلشمينٽ کي شڪست ڏيئي سڄو منظر نامو تبديل ڪري چڪي.آهي، ان ڳالهه ۾ اسان جي ملڪ جو پورو عوام به حمايت ڪندو ته اها نمائندگي بلوچستان کي ملي جيئن انهي بلوچستان مان سياسي  محرومي ختم ٿئي پر اسان جي ملڪ جو عوام اهو ڪڏهن به نه چاهيندو ته سينيٽ چيئرمين جهڙو وڏو عهدو ڪنهن اهڙي ماڻهون کي انهن پارٽين جي آشيرواد سان ملي جنهن چيئرمين جو ڪنهن پارٽيءَ سان پري پري جو به تعلق نه آهي اهڙو ماحول نه صرف عوام پر انهن پارٽين لاءِ به چئليج ثابت ٿيندو جيڪي پارٽيون وڏن وڏن جلسن ۾ ته پاڻ کي وڏي پارٽي هجڻ جو دعويٰ ڪن ٿيون پر جڏهن ڪو اهڙو جمهوري ۽ پاريامنيٽ جي تقدس جو معاملو اچي ٿو ته هو غير جمهوري ۽ پارليامينٽ جي تقدس جو خيال رکڻ به هنن کي مناسب نٿو لڳي .

سينيٽ چيئرمين جي چونڊ کان پوءِ ايوان ۾  جيڪي تقريرون ڪيون ويون تنهن ۾  حاصل بزنجي جي تقرير سڀ کان وڌيڪ اثرائتي سمجهي پئي وڃي جنهن کي مسلم ليگ ن جي شڪست تي سخت صدمو رسيو آهي ان ڪري ئي ته هن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ ايوان جو منهن ڪارو ٿي ويو ۽ مون کي هن ايوان ۾ ويهڻ تي شرم اچي رهيو آهي. حاصل بزنجي جي ته جمهوريت لاءِ ايڏي وڏي ڪا به جدوجهد ڪيل ناهي جڏهن ته سندس والد غوث بخش بزنجو جون جمهوريت لاءِ ڪيل خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن ان ڪري ملڪ جا جمهوريت پسند حلقا اڄ به غوث بخش بزنجي کي عزت جي نگاهه سان ڏسندا آهن. جمهوري حلقن جا ڪنڌ انهن ڏينهن ۾ ضرور جهڪيا هئا جڏهن حاصل بزنجو ضياءُ الحق جي ڪئمپ ۾ شامل ٿي ويو هو  سياست ۾ اهڙي سڃاڻپ هوندي جذباتي تقريرن سان ڇا پارليامينٽ ۾ جمهوريت جو تقدس بحال ڪري سگهجي ٿو جنهن پارياميٽ جي تقدس سياسي چهرا اهڙ و حال ڪن جو انهن کي سينيٽ چيئرمين جي اهم چونڊ ۾ به پارليامينٽ جو تقدس نظر نه اچي اهڙي سياسي معيار ۾ پارليامينٽ جي تقدس وارو سوال سالن کان گونجدو رهي ٿو اسان وٽ صحيح ۽ جمهوري سياسي ڪلچر تڏهن ئي تصور ڪيو ويندو جڏهن انهيءَ سياسي ڪلچر مان جمهوريت جي تقدس جي خوشبو اچي تڏهن اسان وٽ سياست عوامي ۽ جمهوري سڏبي تڏهن اسان جو ملڪ ۽ معاشرو ترقي ڪندو،  جڏهن اسان جي ملڪ جي سياسي ڪلچر ۾ وفاداريون پئسن تي تبديل ٿينديون ۽  پارليامينٽ جا آقا سياسي اصولن عوامي خدمتن ۽ جمهوري قدرن سان کان هٽي ڪري چونڊيا ويندا.

اهڙي سياسي وبا ڪڏهن به ترقي خوشحالي ۽ جمهوريت جي بلندي ثابت نه ٿيدي سڀ کان پهريان سياست کي انهن ريتن ۽ رسمن کان الڳ ڪرڻو پوندو  جيڪي سياسي ريتون رسمون سياست صرف ڪمائي ۽ عهدن جو ذريعو سمجهون وڃن ٿيون اهڙيون سياسي ريتون رسمون اسان کي اهڙو ئي ملڪ اهڙو ئي ڪلچر ڏئيس سگهن ٿيون جنهن ڪلچر مان اسان کي سياستدانن مٿان مس ۽ جوتن سان حملا ٿيندي ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ ترقيءَ جو ڪو نالو نشان نه ملي ٿو اهي سڀئي معاشي ۽ ملڪي مسئلا انهن سياسي اخلاقي ۽ جمهوري قدرن سان جڙيل آهن جيڪي تڏهن ئي ساڀيان ماڻيندا جڏهن اسان وٽ سياسي معيار جمهوري ۽ اخلاقي رتبن سان سڃاتو ويندو،

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي ڪابينا جي وزيرن سان گڏجاڻي

ربنواز راز  ڄامڙو اڄ ڪالھه جيڪي ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ ملن پيون انهن ۾ چسڪو ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے