11 منگل , دسمبر 2018

سک برادري جي شادين جي رجسٽريشن وارو بل منظور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پنجاب صوبي ۾ ترسيل سک برادري جي شادين جي رجسٽريشن وارو بل ” پنجاب سک اندد ڪراج ميرج ايڪٽ 2017ع“ کي متفق طور تي پنجاب اسيمبلي ۾ منظور ڪيو ويو. پنجاب اسيمبلي مان منظوري کان پوءِ پاڪستان دنيا ۾ سکن جون شاديون رجسٽرڊ ڪندڙ پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي جڏهن ته اهو بل پنجاب حڪومت جي پنج پارلياماني سالن ۾ منظور ٿيندڙ پهريون پرائيويٽ ميمبر بل آهي. خيال رهي ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سک برادري سان تعلق رکندڙ ڀارت ۾ آباد آهن پر اُتي به سکن جي لاءِ الڳ ڪو به ميرج ايڪٽ ناهي ۽ سکن جون شاديون هندو ميرج ايڪٽ جي تحت رجسٽرڊ ٿينديون آهن. سکن جي شادي رجسٽرڊ ڪرڻ لاءِ بل اقليتي ميمبر رميش سنگهه آرورا پيش ڪيو هو. بل جي متن موجب 18 سالن کان گهٽ عمر واري سک ناري يا نوجوان جي شادي رجسٽرڊ نه ٿيندي جڏهن ته پيءُ جي نسل ۾ سکن جي شادي نه ٿي سگهندي. بل موجب شادي رجسٽرڊ ڪرڻ لاءِ رجسٽرار مقرر هوندا جڏهن ته شادي جي رجسٽريشن جو سرٽيفڪيٽ به جاري ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ICC Test Rankings: Top-ranked Virat Kohli maintains position, Jasprit Bumrah on career-high 33

آءِ سي سي نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، ياسر شاهه ۽ اظهر علي جي ترقي

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) ڪرڪيٽ جي عالمي اداري( آءِ سي سي ) نئين ٽيسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے