11 منگل , دسمبر 2018

رپورٽ : مشهور سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ لاڏاڻو ڪري ويو

*مشهور سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ 76 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو سندس ترجمان عظيم سائنسدان جي لاڏاڻي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي

 اسٽيفن هاڪنگ گذريل چئن ڏهاڪن کان پُراسرار بيماري ۾ وڪوڙيل هجڻ سبب هو  ويل چيئر تي ويهي  سائنسي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. اسٽيفن هاڪنگ کي آئنسٽائين کانپوءِ دنيا جو ٻيو وڏو سائنسدان قرار ڏنو ويو هو.اسٽيفن هاڪنگ سڀ کان گهڻو ڪم بليڪ هولز ۽ ٿيوريٽيڪل ڪاسمولاجي  تي ڪيو.

گذريل سال برطانيا جي ڪيمبرج يونيورسٽي طرفان سندس 1966 ۾ ڪيل پي ايڇ ڊي جو مقالو جاري ڪيو جنهن ڪجهه ئي ڏينهن اندر مطالعي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا،

اسٽيفن هاڪنگ جي مقالي کي ڪجهه ڏينهن اندر 20 لک کان وڌيڪ ڀيرا پڙهيو ويو ۽ 5 لک کان وڌيڪ ماڻهن اهو مقالو ڊائون لوڊ ڪيو اسٽفن هاڪنگ جو ڪتاب”بريف هسٽري آف ٽائم“ هڪ جڳ مشهور ڪتاب آهي جيڪو انقلابي حيثيت رکي ٿو.

مشهور سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ جنوري 1942ڌاري جنم ورتو  ۽ 1959 ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي ڪاليج ۾ داخلا ورتي، ٽن سالن تائين آڪسفورڊ ۾ تعليم حاصل ڪئي،  جنهن بعد ڪيمبرج يونيورسٽي مان نيچرل سائنس ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪيائين .

 اسٽيفن هاڪنگ جڏهن گريجوئيشن ڪري رهيو هو ان وقت فزڪس جي ماهرن زمين جي شروعات جي حوالي سان مختلف خيال پيش ڪيا جنهن کانپوءِ 1966 ۾ اسٽيفن هاڪنگ به 1965  ۾ مقالو لکيو جنهن  کيس شهرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو.

 1966 ۾ اسٽيفن کي ريسرچ فيلوشپ ملي ۽ هن اپلائيڊ ميٿا ميٽڪس ۽ ٿيوريٽڪل فزڪس ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي.

 شاگردي واري زماني ئي اسٽيفن هاڪنگ جولائي 1965 ۾ جين وائلڊ نالي عورت سان شادي ڪئي جنهن  مان کيس 3 ٻارن جو اولاد ٿيو . شادي بعد اسٽيفن کي موٽرنيورون نالي بيماري ٿي ۽ هو معذور ٿي ويل چيئر تائين محدود ٿي ويو، پر ان باجود به هن همت نه هاري ۽ پنهنجو ڪم جاري رکيو

جيتوڻيڪ ناليوارو سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيو آهي پر سائنس جي ميدان ڪيل خدمتن عيوض سدائين انسانن جي دلين تي راڄ ڪندو رهندو ….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:بدين: عدالت پاران انڊس اسپتال جي لاپرواھي سبب فوت ٿيل ٻارڙي جي قبر ڪشائي جو حڪم

بدين ۾ ھڪ مھينو اڳ انڊس اسپتال انتظاميه جي لاپرواھي سبب فوت ٿيل ٽن مھينن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے