11 منگل , دسمبر 2018

طالبان سان ڳالهيون شروع ٿي سگهن ٿيون: آمريڪي جنرل

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي ڪمانڊر جنرل جان نڪلسن چيو آهي ته طالبان سان ڳالهين جا امڪان آهن. سندس موجب 16 ورهين جي هٿياربند تڪرار کانپوءِ هاڻ طالبان ڪمزور ٿي چڪا آهن، انهن کي خبر آهي ته جنگ جي ميدان ڪاميابيون نه ٿيون ماڻي سگهجن. افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ڀرسان بگرام فوجي مرڪز تي آمريڪي جنرل پنهنجي بچاءَ واري وزير جيمز ميٽس سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو. جان نڪلسن اهو به چيو ته ڪابل حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين جو عمل شروع ٿيو به ته ان جا فوري طور نتيجا ممڪن ناهن، اهو هڪ ڊگهو عمل هوندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

2018 جو نوبيل امن انعام عراق جي ناديا مراد ۽ ڪانگو جي ڊاڪٽر ڊينس کٽي ورتو

اوسلو (ويب ڊيسڪ) عراق جي يزيدي عورت ناديا مراد ۽ ڪانگو جي ڊاڪٽر ڊينس موڪيگي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے