13 جمعرات , دسمبر 2018

هر قسم جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جو چوڻ آهي ته روايتي خطرن جي باوجود غير روايتي خطرن کان بي خبر ناهيون اسان هر خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪور ڪمانڊر هيڊ ڪوارٽر جو  دورو ڪيو جتي کيس ڪور ڪمانڊر بهاولپور آپريشنل تيارين تي بريفنگ ڏني. آرمي چيف اوڀر سرحد تي ڪنهن به امڪاني خطري کي منهن ڏيڻ جي تيارين کي ساراهيو ۽ چيو ته امن جي صورت ۾ به فوجي تياريون ڀرپور رکڻ گهرجي. آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊر ملتان به ان موقعي تي موجود هيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي ڀاءَ جي منصوبن جي آڊٽ تي ننڍي ڀاءُ کي ويهارڻ غلط آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے