11 منگل , دسمبر 2018

رائيونڊ ۾ ڌماڪو: 4 پوليس اهلڪارن سميت 6 ڄڻا شهيد

لاهور(ويب ڊيسڪ) رائيونڊ ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 4 پوليس اهلڪارن سميت 6 ڄڻا شهيد ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. سي سي پي او لاهور جو چوڻ آهي ته رائيونڊ ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ 4 پوليس اهلڪار ۽ ٻه شهري شهيد ٿي ويا. پوليس موجب ڌماڪو رائيونڊ ۾ پوليس چيڪ پوسٽ جي ڀرسان ٿيو تنهن هوندي ڌماڪي جي نوعيت جاچ ڪئي پئي وڃي. پوليس ذريعن موجب ان ڳالهه جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته ڌماڪو ٽائم ڊيوائس جي ذريعي ڪيو ويو، يا ڪنهن موٽر سائيڪل ۾ ڌماڪيدار مادو لڳايو ويو هو يا وري ڌماڪو آپگهاتي هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي واري جاءِ ڀرسان هڪ موٽر سائيڪل مڪمل طور تباهه ٿيل حالت ۾ ملي جنهن مان شڪ آهي ته ڌماڪيدار مادو موٽر سائيڪل ۾ لڳايو ويو هو.  ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيلن کي طبي امداد لاءِ اسپتال اماڻيو ويو آهي.  هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف رائيونڊ ۾ ٿيل ڌماڪي جي مذمت ڪندي آءِ جي پنجاب کان معاملي جي جاچ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ICC Test Rankings: Top-ranked Virat Kohli maintains position, Jasprit Bumrah on career-high 33

آءِ سي سي نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، ياسر شاهه ۽ اظهر علي جي ترقي

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) ڪرڪيٽ جي عالمي اداري( آءِ سي سي ) نئين ٽيسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے