19 پیر , نومبر 2018

مملڪتي وزير طلال چوڌري تي توهين عدالت جو فرد جرم لاڳو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ مملڪتي وزير طلال چوڌري تي عدليه مخالف بيان بازي ڪرڻ توهين عدالت جو فرد جرم لاڳو ڪيو ويو. جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ طلال چوڌري جي خلاف توهين دعالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي شروع ٿيندي ئي طلال چوڌري جي خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ بابت ڪارروائي شروع ٿي ته سندس وڪيل ڪامران مرتضيٰ چيو ته اهو چارج فريم نٿو ٿي سگهي جنهن تي جسٽس اعجاز افضل خان ريمارڪس ڏنا ته اسان کي اڄ ئي چارج فريم ڪرڻو آهي. ان موقعي تي طلال چوڌري عدالت کان اپيل ڪئي ته گذريل ڏينهن ٿيل توهين عدالت بابت فيصلا درخواست سان گڏ لڳائڻ چاهيان ٿو، چارج بذات پاڻ هڪ داڳ آهي. جنهن تي جسٽس اعجاز افضل چيو ته نه اهو داڳ ناهي، اسان توهان کي ٻڌنداسين جيڪڏهن ڪيس نه بڻيو ته توهان کي ڇڏي ڏينداسين ۽ توهان جي حتمي دليلن جو موقعو ڏنو ويندو. جسٽس مقبول باقر چيو ته هر طرح جا ڪيسن جي پنهنجي نوعيت هوندي آهي، توهان جن فيصلن جو حوالو ڏئي رهيا آهيون ان کي ڏسڻو آهي ته اُهو هن ڪيس جهڙو آهي. طلال چوڌري جي وڪيل جي دليلن کان پوءِ مٿس توهين عدالت جي فرد جرم لاڳو ڪندي کيس نقل ڏني وئي. جسٽس اعجاز افضل خان چيو ته ڪجهه اهڙا ڪيس به آهن جن تي چارج فريم ٿيڻ کان پوءِ به ڪجهه ناهي ٿيندو، توهان جو ڪيس تفصيل سان ٻڌو ويندو ۽ توهان جي اصيل کي ڪنهن عدالتي فيصلي مان فائدو ٿيو ته ضرور ڏينداسين جڏهن ته عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 27 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

فوجي طاقت سان ڪشميرين جي جدوجهد کي دٻائي نٿو سگهجي: علي امين گنڊاپور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪشمير جي معاملن بابت وزير علي اميد گنڊاپور والاريل وادي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے