16 جمعہ , نومبر 2018

آشيانه ڪرپشن اسڪيم: احد چيما جي گهر واري خلاف به جاچ شروع

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) نيب لاهور اڳوڻي ڊي جي ايل ڊي اي احد چيما جي گهر واري صائمه احد خلاف به انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ سندسن اثاثن جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن.  نيب چيئرمين اهم ڪيس کولڻ جي منظوري ڏني آهي جنهن تي نيب لاهور احد چيما جي گهر واري خلاف انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي. اڳوڻي ڊي جي ايل ڊي اي جي گهر واري سرڪاري آفيسر آهي، احد چيما کان جاچ دوران خبر پئي ته سندس گهر واري جا به اثاثا آهن جنهن تي نيب صائمه احد کي طلب ڪري ورتو. ذريعن موجب احد چيما جي گهر واري کي وضاحت لاءِ طلب ڪيو ويو آهي. هوڏانهن نيب ايندڙ هفتي ڊي جي اينٽي ڪرپشن کي به طلب ڪيو آهي، مظفر رانجها کي اختيارن جي غير قانوني استعمال تي طلب ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڌانڌلي جي نالي تي ڌرڻو هڻندڙن کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان ٽي ايل پي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے