20 منگل , نومبر 2018

ڪراچيءَ ۾ پي ايس ايل جي فائنل لاءِ ٽڪيٽون ناياب

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) نيشنل اسٽيڊيم ڪراچيءَ ۾ 25 مارچ تي رٿيل پاڪستان سپر ليگ جي فائنل ميچ جي ٽڪيٽن جو وڪرو شروع ٿي ويو آهي جيڪي ناياب ٿي ويون آهن. ڪراچي ۾ ڪوريئر ڪمپني ٽي سي ايس جي مقرر ڪيل 32 شاخن تي پي ايس ايل جي فائنل لاءِ ٽڪيٽون دستياب آهن جتي شوقينن جو وڏو انگ موجود آهي. آءِ آءِ چندريگر، حيدري، ايئرپورٽ، آرٽس ڪائونسل ۽ شاهين ڪمپليڪس مرڪزن تي ٽڪيٽون دستياب آهن جتي ٽڪيٽن جي خريداري لاءِ شهرين جون ڊگهيون ڊگهيون قطارون لڳل آهن جڏهن ته ايئرپورٽ جي مرڪزي آفيس تي بدنظمي بعد رينجرز کي طلب ڪيو ويو. شوقين نيشنل اسٽيڊيم جي 15 انگلوزرز لاءِ ٽڪيٽون خريد ڪري سگهبيون ۽ سڀ کان گهٽ قيمت جنرل انگلوزر جي آهي جيڪا هڪ هزار رپين ۾ ملندي. فائنل ميچ جون ٽڪيٽون 4 هزار، 8 هزار رپين ۽ 12 هزار رپين ۾ به دستياب هونديون. ٽڪيٽون حاصل ڪرڻ لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ گڏ کڻي وڃڻ نه وسارين ۽ هڪ ڪارڊ تي رڳو 5 ٽڪيٽون ئي خريد ڪري سگهبيون. ٽڪيٽون تمام گهڻي ڏکيائي سان ملڻ ۽ ناياب ٿيڻ سبب شهري پريشاني جو شڪار آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے