18 جمعرات , اکتوبر 2018

سکر جا موتين جهڙا ماڻهو ادل سومرو، اياز گل ۽ مُبن مڱريو:مشتاق باگاڻي

سکر ۾ رهڻ دوران ادل سومري ، اياز گل ۽ مبن سان روز رهاڻيون رچڻ لڳيون. هي سٻاجهڙا انسان شامڙيءَ جو اچي هيئڙو هرکائي، دل پرڀائي ۽ روح ريجهائي ويندا هئا. ادل جي مزاحيه شاعري روح ريجهائڻ لاءِ ڪافي هئي. فيبروي 1975ع واري سوجهري ۾ ادل جو هڪ مزاحيه عزل ڇپيو.

 

رانول راڻو روڏو آ

شاهه بلوط جو ڇوڏو آ

هيڻا هڏڙا ڳل ۾ کڏڙا

پست جو سڪل ڏوڏو آ

ڪانڊو ڪنڊو پير ۾ ڇڀيل

کوٽيندو پر گوڏو آ

سپنن ۾ ٿو مومل ماڻي

ڪاڪ محل کي اوڏو آ

عشق جي عينڪ اک تي جنهن کي

لهر نه تنهن کي لوڏو آ

 

مارچ 1975ع ۾ ادل جي ڪهاڻي ”انقلاب اسٽين گن ۽ ڇتو ڪتو“ ڇپي. حليم بروهيءَ جي مزاحيه ادب جي وڏي هاڪ هئي. مزاح ۾ سليم ڪورائي به سٺي ڪوشش ڪئي ۽ هاڻ ادل سومري هي زبردست ڪهاڻي لکي هن صنف ۾ پاڻ مڃائي ورتو. هن ڪهاڻيءَ ۾ هن جا ڪردار ديوانو، داڦوڙو، ڪامريڊ قطب الدين ڪوهستاني، پيرو پڪوڙائي، مبن مانجهي عرف ڏانگو ڏاند، منــٺار عرف ملم پٽي، ڊي ايم ڍونڪي ۽ ڊاڪٽر علامه چُرلو ٽيٽڪپوري هن جا ويجها دوست هئا. هن شاهڪار ڪهاڻي هن سان ڪچهري ڪرڻ جي اڪير اڃان وڌائي ڇڏي هئي. هاڻ سکر ۾ اهي سڀ سڪون پوريون ٿيون هيون. مبن مانجهي تي لکيل ادل جو هي شعر ته اسانجو زباني ڪلام هوندو هو.

مبن سنبريو ميلي تي

کڻي ڪلهي تي ڇيلي کي

هن جا ڪيئي روپ هئا. منفرد مسڪراهٽ، ڪمال سنجيدگي، هر وقت سنگت جي سار ۽ مسلسل مطالعو ۽ محنت، جيءَ جي جاکوڙ ۽ ڪجهه نه ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي جستجو. عملي زندگيءَ ۾ ادل بي انتها ڪاميابيون ماڻيون. ٻارن لاءِ هن جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا. مثال طور: ”روز ٽڙن رابيل“، چنڊ پشم گولو“، ”آچر جا احوال“، ”پتلين جو تماشو“، ”جيتن جي ڪانفرنس“، ”پوپٽ جهڙا گيت“، ” نئين دور جا نوان سبق“ ۽ ” وساري نه ڇڏيو“. هن جي شاعري ۽ نثر جا ڪتاب ”وليون وڻ ڦلارئا“، اسين مسافر پيار جا“، ”سمنڊ جاڳي ٿو“ ۽ ” نيروليءَ جو خواب“ شايع ٿيو. ان کان علاوه هن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون، مضمون، مقالا ۽ ريڊيو اسڪرپٽ لکيا. مختلف ادارن کان گولڊ ميڊل ۽ علمي ادبي اوارڊ حاصل ڪيا ۽ علمي ادبي اعزاز ماڻيا. هو طوفان جي روانيءَ سان لکندو رهيو. شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌي ادبي سنگت تي تحقيقي مقالو لکي، پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين ۽ ان ئي يونيورسٽيءَ ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور استاد ٿي رهيو. هن کي سنڌي اديبن مان ڏيئي سنگت جو سيڪريٽري جنرل منتخب ڪيو.

مئي 1984ع ۾ ادل جي شاعريءَ جو ڪتاب، ”وليون وڻ ڦلارئا“ سندس دوست محبت چانڊئي چپرايو. ويهين مئي چوراسيءَ تي مشهور شاعر ۽ اديب نصير مرزا ان تي نوٽ لکيو، ”ادل گزيٽيڊ شاعر آهي. وليون وڻ ڦلارئا ۾ سڀ گل سرها، سڀ وليون سرهيون ۽ سڀ وڻ سدا بهار آهن.“ سندس شاعري ادب وانگر ادل اڄ به سدا بهار ۽ سدا جوان آهي، ان ڪتاب تي سائين غلام محمد گراميءَ جو نوٽ ڌيان جوڳو هو. ادل لاءِ پاڻ لکيو هئائون،

”ادل سومري جو ڪلام پنهنجي فن جي حيثيت سان ترقيءَ جي راهه تي آهي. اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي. سکر جي مٽي شاعر خيز آهي. شال اڃا به وڌيڪ شاعر پيدا ڪري، شرط آهي ته ادل تمام گهڻو جديد ۽ قديم ڪلام مطالعو ڪندو رهي. “ اها حقيقت آهي ته سکر جي مٽي شاعر خيز آهي، هن خطي عبدالڪريم گدائي، غالب سنڌ حضرت فيض بخشاپوري، شيخ اياز، نياز همايوني، تنوير عباسي، عطا محمد حامي، فتاح ملڪ، رشيد ڀٽي، عبدالڪريم تابان، ادل سومرو، اياز گل ۽ ٻيا ڪيترا شاعر ۽ اديب پيدا ڪيا.

ادل جا نظم، غزل ۽ وايون سندس چاهت جون تصويرون هيون. جيون هن لاءِ ڪسارو هو پر هن جون نظرون تيز هيون. هو مسلسل سفر ۾ رهيو. نصير مرزا لکيو هو، ”جا شيءَ ادل کي شاعريءَ لاءِ راس آئي آهي، اهو آهي سفر. هو ٿڪو ناهي، اڃان تائين سفر ۾ آهي. ادل کي ٽرائبيوٽ پيش ڪرڻ لاءِ قربان منگي ۽ امر اقبال وارن پوپٽ پبليشنگ هائوس خيرپور طرفان 2014ع ۾ ادل سومرو نمبر شايع ڪيو . هن شاندار رسالي ۾ ادل جا لکيل پنهنجا مضمون ۽ شاعري ۽ ادل تي لکيل ٻين عالمن ۽ اديبن جا مضمون ۽ رايا وغيره شامل هئا. انهن جا ڪجهه حوالا دلچسپيءَ خاطر قارئين جي نظر.

” حقيقت اها آهي ته ادل سومرو انهن جينيس شاگردن مان هو جن کي مدد جي ڪا خاص ضرورت ڪا نه هئي.“ ادل سومري جي تحقيق سنڌي ادبي سنگت، تاريخ ۽ ڪردار بابت تنوير عباسي چيو ته ” ويهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ سنڌ جي ذهن تي سنڌي ادبي سنگت ڇانيل رهي. ادل جي تحقيق مان اسانجا اسڪالر ۽ عام ماڻهو هميشه لاءِ لاڀ پرائيندا. تاج جوئي هن لاءِ لکيو. “ ادل سومرو نئين ٽهيءَ جو شاعر آهي. جنهن فارسي ۽ اردو وزن کي لت هڻي شعري روايات جا سارا زنجير ٽوڙي ڇڏيا آهن، هن پنهنجو ترنم پنهنجي اندر جي آواز مان ڀاريو آهي. ادل جي شاعريءَ جو گهرو مطالعو ڪيو ته هو نارائڻ شيام، تنوير ۽  استاد وانگر فطرت، منظرن، دلڪشين، دلبرين، عڪسبندين، نظارن، گلن، خوشبوئن، مهڪارن ۽ جماليات جو شاعر لڳي ٿو“. ادل سومري ۽ اياز گل لاءِ تاج جا هي جملا پڙهو، ” ادل سومرو ۽ اياز گل هڪ شهر سکر جا رهواسي آهن. ٻنهيءَ جي دوستيءَ جو حلقو ذري گهٽ ساڳيو آهي. ٻئي هڪ ٻئي جا رازدان ۽ دوست رهيا آهن. ٻنهي کي شيخ اياز ۽ تنوير عباسي جهڙن شاعريءَ جي چمن جي ڇانو ڏيندڙ وڻن جي تڌڙي ڇانو ۽ شخصي پيار ۽ ويجهڙائپ حاصل رهي آهي. سندن تدريس جو شعبو به ساڳيو آهي ۽ گهڻي ڀاڱي مطالعي جي حد، سرحد به ساڳي رهي آهي، پر حيرت جي حد تائين ٻنهيءَ جي سڀاءَ ۽ شاعريءَ جي لهجي ۽ ڊڪشن ۾ انفراديت ۽ نرالپ رهي آهي.

“ ڏسو ادل سومري جو نالو ايندي ئي اياز گل جو نالو زبان تي اچيو وڃي. جيئن شيخ اياز جو نالو ايندي ئي فتاح ملڪ، رشيد ڀٽي ۽ تنوير عباسيءَ جا نالا اڳيان اچي ٿا بيهن. اهو بي حد پيار ۽ احترام ۽ جوڙن جو جوڙ مثالي آهي. خود اياز گل پنهنجي محبوب دوست لاءِ رات جو ٻين بجي ويهي ڇا ٿو لکي، اهي موتين جي داڻن وانگر هار ۾ پويل اکر اوهين به پڙهو. ” شعر شاعر جي رت مان جنم وٺندا آهن. شاعر اڪثر ڪري هڏن جي مٺ، مفلسيءَ ۽ مجبوريءَ جو مجموعو هوندو آهي. چوندڙن جي هن ڳالهه تي، هن يار کي ڏسڻ کانپوءِ ايمان وڌي ويندو آهي. جڏهن پهريون ڀيرو ساڻس مليو هوس تڏهن آنءُ سندس ڪلهن تائين ٿي پهتس ۽ ڏيڍ سال گذرڻ کانپوءِ، هاڻي هو منهنجي ڪلهن تي پهچندو آهي. لڳي ٿو ته هو جسماني اوسر ۾ وڌڻ بدران گهٽبو پيو وڃي. ڪڏهن ڪڏهن ڀهءُ وڪوڙي ويندو آهي ته ڪٿي ان رفتار سان سسي سسي صفا رانديڪي جهڙو نه ٿي وڃي ۽ گڏ گهمائڻ لاءِ کيس کيسي ۾ نه کڻڻو پوي، اسانجو يار ماڻهو به آمکڻ، کلڻو ملڻو، يارن جو يار، جيڪو ڏس سندس درياهه دليءَ ۽ تعريف جا پيو ڍڪ ڀريندو. مونکي به ڏاڍو وڻندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان سالن جا فاصلا گهڙيءَ ۾ لتاڙي گڏجي هڪ ٿي ويا آهيون.“

منهنجي آڏو 1974،75ع ۾ ڇپيل ادل جي شاعري ۽ ڪهاڻيون هيون يا سکر ۾ 1985ع واري دور ۾ ادل ۽ اياز گل سان گهاريل ڪي گهڙيون. شيخ اياز جي ورسيءَ جي مناسبت سان چند مضمون لکندي منهنجي قلم مونکي سجاڳ ڪيو ۽ ٻين دوستن ۽ بزرگن کي نه وسارڻ جي تلقين ڪئي. اهي منهنجا بزرگ سائين فتاح ملڪ، رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، ادل سومرو ۽ اياز گل هئا. مون ادل سان ڳالهايو هن پنهنجي بايو ڊيٽا سان گڏ پوپٽ جو ادل سومرو نمبر ڏياري موڪليو. جيئن جيئن پڙهندو ويس تانگهه تيئن تيئن وڌندي وئي. ادل ڏانهن مدد علي سنڌيءَ جو ”آلين اکين سان لکيل خط“ پڙهي اڪير اڇلون ڏيڻ لڳي. پنبڻيون پسائي ساري رسالي جو مواد اکر اکر ڪري پڙهيم. سڄي رسالي ۾ آهون ۽ دانهون هيون. بسمل پکيءَ جي پڪار هئي. کامڻ، پچڻ، پڄرڻ، لڇڻ ۽ لوچڻ جا درديلا داستان سڄاڻ ۽ سٻاجهڙن دوستن ادل لاءِ تحرير ڪيا هئا. انهن مان اڪثر ليک رات جو ٻين بجي کان ڀنڀراڪي تائين جاڳي لکيا ويا هئا، جيڪو وقت عابد عبادت ۾ گذاريندا آهن، ضياءُ شاهه جا شاهڪار خط لکن ٿا “ تنهنجي ڪوتائن ۾ مٽيءَ جو هڳاءُ لڪل آهي مون پنهنجو ٻالپڻو هڪ ڪچي گهر ۾ گذاريو آهي. جڏهن سانوڻيءَ جا مينهن وسندا هئا تڏهن اسانجي گهر ۾ چيڪي مٽيءَ جي سڳنڌ اچي واسو ڪندي هئي. “ سچ پچ اڳ مونکي تنهنجي وجود ۾ لڪل رسول حمزا توف جو پتو ڪو نه هو. تون ته پنهنجي ڌرتيءَ کي ايئن چنبڙيل آهين جيئن پوهه جي پارن ۾ ڪو کير پياڪ ٻار امڙ جي سيني ۾ سر لڪائيندو هجي. تنهنجو هي هائيڪو پڙهي اکين ۾ آلاڻ اچي ويئي اٿم،“

معصوم شاهه مينار

سرون ڪوٽ اروڙ جون

درديلو ديدار

اسين ڪچ ڪوڏيون ادل ماڻڪ موتي، جنهن سان جيءَ جون جڙون هيون، ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊئي جون. هو ادل سان پهرين ملاقات جو ذڪر هينئن ٿو ڪري. ”ڪچهري ۽ کل ڀوڳ جي ڪوڏئي ادل سومري سان پهرين ملاقات ان ڏينهن ٿي هئي جڏهن تاج جوئي سان SALUTA جي پليٽ فار تان ليڪچر جو پروگرام هو.. اوچتو اياز گل دروازي ڏانهن اشارو ڪندي اندر داخل ٿيندڙ ماڻهوءَ لاءِ چيو ته سائين اهو ادل اٿو. مون هال جي دروٽ وڃي سندس آڌرڀاءُ ڪيو. انهن ڏينهن ۾ اياز گل سٺن دوستن سان منهنجي واقفيت ڪرائي هئي. جن ۾ شفن مڱريو، مُبن مڱريو ۽ ڊاڪٽر جئرام جا نالا قابل ذڪر آهن. ادل ۽ مُنهنجي دوستي ڪنهن بنان سبب جي مضبوط ٿيندي وئي. يونيورسٽيءَ جي ڪڌن ڪمن تي ڇتي تنقيد ڪرڻ وارن پروفيسرن ۾ شامل رهيو آهيان پر ڪڏهن ڪنهن مصلحت سبب خاموش به ٿي ويندو هيس. هڪ سينٽ جي اجلاس جي ڪارروائي هلندي ڊاڪٽر سرور مرکنڊ، ممتاز مهر، امير چانڊئي ۽ مون ڏانهن پني تي هن ريت شعر لکي موڪليائين،“

مهر مرکنڊ ماٺ ۾، چانڊيا چپ رهيا.

پئسا پاس ٿيا، بجيٽ جي اجلاس ۾

بجيٽ جي اجلاس ۾ چانڊين ڪئي ننڊ،

وڳا مانيءَ گهنڊ، ته جاڳي جهٽ جوان پيا

هڪ دفعي مان ۽ ادل ڪيڏانهن ريل ۾ سفر ڪري رهيا هئاسون، اي سي پارلر جي هڪ دٻي ۾ اسانجي سامهون واري سيٽ تي من موهيندڙ مهانڊن واري هڪ اڌڙوٽ عورت کي گهوريندي ڏسي، پنهنجي موبائيل تا ايس ايم ايس ذريعي مون ڏي هيٺيون شعر لکي موڪليائين.

اڱرٿڌا ٿي ويا، ڇا جو هاڻ ٻرڻ ؟

جهاري تي جهرڻ، چانڊيا ! سونهين ڪو نه ٿو.

جتي اهڙا من موهيندڙ مزاحيه شعر ادل جي اندر مان نڪري ماحول کي زئفران زار بڻائين ٿا اتي ڪي اهڙا ته ڏک ڀريا شعر هن جي زبان تي اچي وڃن تا جن ۾ دردن جا طويل داستان سمايل آهن. اهڙا تمام گهڻا مثال ادل جي شاعريءَ ۾ موجود آهن.

ماءُ جو جنهن جي ذهن تي ڪو تصور ڪين هو

گهر سڄي ۾ جو اڪيلو ٻارهو، سو مان هيس

زيب سنڌي ادل جي دردن جي جيڪا منظر ڪشي ڪئي آهي، اها ديار دل کي مغموم ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. ادل جنهن کي مون سکر ۾ لکندي ۽ ٽهڪندي ڏٺو هو، زيب جي مضمون ۾ مون هن کي رئندي وڙندي ۽ اوڇنگارون ڏيندي ڏٺو، مون هن جي شاعريءَ جو پيار ۽ خلوص سان ڀري موڪليل ڪتاب “نيروليءَ جو خواب“ غور سان پڙهيو، دل ڏڪي وئي جيءُ جهري پيو: اسين جيڪي وڏپڻ ۾ به مائرن جا وڇوڙا برداشت نه ڪري سگهڻ وارا جڏهن زيب جو اهو انڪشاف پڙهون ٿا ته ادل جي ماءُ تڏهن گذاري وئي هئي جڏهن هو مس ٻن مهينن جو ابهم ٻارڙو هو ته سچ پچ دل انتهائي ملول ٿي وڃي ٿي.

 

جڏهن به مائرون

پنهنجن ٻارن کي

ڏينديون آهن پيار

تڏهن امڙ آنءُ سڪندو آهيان

لڪي لڪي رئندو آهيان

سڏڪي سڏڪي چوندو آهيان

منهنجي به ماءُ هجي ها

مونکي به پيار ڪري ها

او امڙ، منهنجي مٺڙي ماءُ

ڪڏهن نه تو کي مون آ ڏٺو

فقط آ تنهنجو نانءُ ٻڌو

پنهنجي بابا لاءِ هو چوي ٿو،

منهنجو پيءُ نيرولي آهي

هن جو ٺاهيل ڪوئي اجرڪ

شايد او هانجي گهر به هجي

ڪُن ۾ اجرڪ ٻوڙيندي

هن جا ٻيئي کهرا هٿ

پڪا نيرا ٿي ويا آهن.

 

آئون ڪيڏو نه ڀورو هوس، ادل ۽ اياز گل کي اميراڻا ٻار سمجهندو هوس، هنن جون سکر ۾ شيخ اياز، فتاح ملڪ، رشيد ڀٽي ۽ خيرپور ۾ تنوير عباسيءَ سان صحبتون رهيون. شيخ اياز هنن جي ڪتابن تي مهاڳ لکيا. هو خوش نصيب هئا. اياز گل ته هونئن به ڏاڍو سهڻو هوندو هو ۽ سڀني کي وڻندو هو، هن جي نماڻن نيڻ جي گهور گهايل ڪري ڇڏيندو هئي، هن جي سڻيءَ جي گل جهڙي معصوم ۽ پروقار چهري تي پر نور اکڙيون چمڪندي ڏسي هن جي منور مستقبل جي پڪ ٿي ويندي هئي، علم ادب جي چاهه جن جي من جي روشني وڌائي ڇڏي هُئي. هن ڪمال جا شعر لکڻ شروع ڪيا. نامور سخن سازن جي صحبت ۽ مطالعي هن کي رچي راس ڪري ڇڏيو. اهي هن جا وڏا وڙ هيا جو علم جي اعليٰ رتبي تي رسڻ کان پوءِ به هن اسان اٻوجهن کي وساريو ڪو نه. هن جي شاعريءَ جو نمونو قارئين جي نظر.

بي مندائتو مينهن

تنهنجي نيڻن ڪيئن وسايو

ڪنهن سان لاتئي نينهن

 

ڪنهن جي واٽ نهارين

رڃ نه ڪنهن جي اڃ اجهائي

رڳو ڳهيلا پاڇا تاڙين

 

لڪي لياڪا پائي چنڊ

آڌيءَ ويلي ڪيئن پيهين ٿي

انگ اگهاڙي غربت جنڊ

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لاجي بانيڪار وائيس چانسلر قاضي خالد علي چئي ٿو ته …. سنڌ جي غريب شاگردن لاءِ قانون جي اعليٰ ڊگرين لاءِ برطانوي يونيورسٽين سان معاهدا ڪيا آهن :انٽرويو :رزاق عاصي

مان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا جو وائيس چانسلر ٿيڻ کانپوءِ لنڊن اسڪول  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے