17 پیر , دسمبر 2018

امن قائم ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ۽ ڪاوشون فخر جوڳيون آهن: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته امن جي لاءِ ڏنل قربانيون رنگ لائينديون، امن قائم ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ۽ ڪاوشون فخر جوڳيون آهن.  پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه هيڊ ڪوارٽر پشاور ۽ خيبر ايجنسي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ آرمي چيف جو چوڻ هو ته امن جي لاءِ ڏنل قربانيون رنگ لائينديون، امن قائم ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ۽ ڪاوشون فخر جوڳيون آهن، ڊگهي عرصي تائين امن ۽ مضبوطي لاءِ بندوبست جاري رکنداسين. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف کي ڪور هيڊ ڪوارٽر پشاور ۾ سيڪيورٽي صورتحال، آپريشن رد الفساد، عارضي بي گهر ماڻهن ۽ ترقياتي ڪمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف پاڪ افغان بارڊر تي ڪنڊيدار تار لڳائڻ واري ڪم جو جائزو ورتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب پنهنجو ڪم نه ٿي ڪري، ضروري آهي ته هر ڪم ۾ ٽنگ اڙائي: سپريم ڪورٽ

sاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ هڪ ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے