15 ہفتہ , دسمبر 2018

ڊائو يونيورسٽي ۾ سنڌي ڳالهائڻ کان روڪڻ خلاف سنڌ سراپا احتجاج:يونيورسٽي گيٽ آڏو ڌرڻو

ڪراچي/حيدرآباد/سنڌ (نمائندن وٽان)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي ڊائو يونيورسٽي ۾ سنڌي ٻولي تي لڳايل پابندي واري معاملي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي، واقعي جي جاچ شروع جڏهن ته ڪراچي جي تعليمي اداري ۽ اسپتال ۾ سنڌي ڳالهائڻ تي ليڊي ڊاڪٽر کي مليل شوڪاز نوٽيس خلاف سنڌ واسي سراپا احتجاج بڻجي ويا. تعليمي اداري ۾سنڌي ٻولي تي لڳايل پابنديءَ کي ڌرتي ڌڻين سنڌ خلاف سازش قرار ڏيندي مزاحمت جو اعلان ڪيو آهي.رپورٽن موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي جي ڊائو يونيورسٽي ۾ سنڌي ٻولي ۾ ڳالهائڻ تي پابندي واري معاملي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، مراد علي شاهه چيو آهي ته ڊائو يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر رابعه جي سنڌي ڳالهائڻ تي شوڪاز نوٽيس اخلاقي ڏوهه آهي، سنڌي ٻولي تي پابندي جو نه ماضي ۾ خواب پورو ٿيو نه ئي اڳتي ٿيندو. وزير اعليٰ هائوس جي ترجمان موجب وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي جي ڊائو يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر رابعه جي سنڌي ڳالهائڻ تي شوڪاز نوٽيس جي مذمت ڪندي لاڳاپيل ادارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن ۾ فرق پيدا ڪرڻ جي سازش ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ هر فرد کي مادري زبان ڳالهائڻ جو حق آهي. هن چيو ته سنڌي ٻولي تي پابندي جو خواب نه ماضي ۾ پورو ٿيو نه ئي اڳتي ٿيندو، تعليمي ادارن کي گهرجي ته ڀائيچاري کي هٿي وٺرائين، سنڌ ۾ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو پاڻ ۾ ڀائر آهن. ٻي طرف ڊائو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر سعيد قريشي پاران پروفيسر نور علي، مظهر علي، فرزانه ميمڻ تي ٻڌل جاچ ٽيم پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، وائيس چانسلر جاچ ڪميٽي کي سومر تائين رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي پر ڇنڇر ۽ آچر موڪل هجڻ ڪري ڪميٽي رپورٽ مڪمل نه ڪري سگهي،ان ڪري ڌرين کان بيان وٺڻ ۽ رپورٽ جوڙڻ ۾ هڪ هفتو لڳڻ جو امڪان آهي. هوڏانهن ڪراچيءَ ۾ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال جي ڊاڪٽر فهيم عامر ۽ ڊاڪٽر افضال قاسم پاران ليڊي ڊاڪٽر رابعا کي سنڌي ڳالهائڻ کان روڪڻ خلاف جسقم، ايس يو پي، ايس اين پي، ايس ٽي پي، غريب عوام پارٽي، قومي عوامي تحريڪ، پ پ شهيد ڀٽو، فنڪشنل ليگ،عاشقان سنڌ، صوفي فورم، ڪي ايس ايف ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن احتجاجي بينر،پلي ڪارڊ ۽ جهنڊا کڻي سچل ڳوٺ کان ڊائو يونيورسٽي ۽ اسپتال جي مک گيٽ تائين احتجاجي مارچ ڪيو.ان موقعي تي هنن تعصب پرست  ڊاڪٽرن کي معطل ڪيو، سنڌي ٻولي قومي ٻولي جا نعرا هنيا احتجاجي مظاهري کي ايس اين پي چيئرمين امير ڀنڀري خطاب ڪندي چيو ته  سنڌي ٻولي تي پابندي قومي وجود تي وار آهي.هن چيو ته لياقت خان ۽ الطاف تائين هڪ ئي سوچ رهي آهي ته ڪراچي مان سنڌين کي بي دخل ڪيو وڃي. جسقم اڳواڻن ڪيهر انصاري چيو ته ڪراچيءَ ۾سنڌي ٻولي تي پابندي لساني جهيڙا ڪرائڻ جي سازش آهي، نسل پرست ڊاڪٽر کي معطل ڪري نوڪري تان هٽايو وڃي. هن چيو ته اسين ٻولي جي بنياد تي نفرت جي خلاف آهيون پر  ڊائو اسپتال ۾ مريضن کي پنهجي مادري زبان به ڳالهائڻ نه ٿي ڏني وڃي جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. ان موقعي تي ايس يو پي اڳواڻ صغير کٽياڻ، منصور چانڊيو، پاڪستان غريب عوام پارٽي جي محرم راڄپر، پرويز راڄپر، عاشقان سنڌ جي شبير راڄپر، هارون جمالي،قو مي عوامي تحريڪ جي افروز ڪٽپر، ايس ٽي پي جي مبارڪ ڀٽي ۽ پ پ شهيد ڀٽو جي ڊاڪٽر رئوف مغيري خطاب ڪيو. هوڏانهن پپري، گهگهر، گلشن حديد، گڏاپ، ميمڻ ڳوٺ، ڀٽائي آباد، بلال ڪالوني ۽ چڪرا ڳوٺ ۾ جسقم، ايس ٽي پي ۽ پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪيا. جڏهن ته حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري انور سومري، زينت سمون، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، الطاف خاصخيلي، منصور لاکي، جي ايم بليدي ۽ اڪبر سومري جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن  پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو  ڪيو. قاضي احمد ۾نوجوان اتحاد پاران زيب جتوئي، محمد رمضان لاشاري، شڪيل ڏاھري ۽ سھيل ڏاھري جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪيو ويو. دولتپور صفن ۾قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن مرتضيٰ جوکيو جي اڳواڻيءَ ۾پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. سڪرنڊ ۾ جسقم جي ڪارڪنن ضلعي صدر علي رضا خاصخيلي، نور سولنگي ۽ منير ابڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي صحافي چوڪ تي ڌرڻو هنيو..نصير آباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ضمير مغيري، حفيظ تنيي، گلشن انقلابي، بخت ڦلپوٽي ۽ بابر جلباڻي جي اڳواڻي ۾ 20 کان وڌيڪ ڪارڪنن بک هڙتال ڪئي. باڊهه ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن ٽائون هال وٽ قادر بروهي، اصغر نوناري ۽ ڪوڙل ملاح جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. جڏهن ته قمبر، وڳڻ، وارهه، بهرام، شهدادڪوٽ، رتي ديري، لاڙڪاڻي، مديجي، شڪارپور، ٺل، ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي، سکر، خيرپور، هڱورجا، ڀريا سٽي، پڊعيدن، نوشهري فيروز، ڪنڊياري، محراب پور ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڊائو يونيورسٽي اسپتال ۾ ڊاڪٽر فهيم عامر پاران ليڊي ڊاڪٽر رابعا کي سنڌي ڳالهائڻ کان روڪي تعصب پرستي ۽ انتهائي نفرت کي ظاهر ڪيو آهي.هنن چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به ايئن نه ٿو ٿئي جو اتي جي ملڪ ۾ اتي جي ٻولي ڳالهائڻ کان روڪيو وڃي.هنن چيو ته سنڌ ۾ جنهن کي سنڌي کان نفرت آهي، اهو ڀلي سنڌ خالي ڪري هليو وڃي. سنڌي سنڌ جي قومي ٻولي آهي، سنڌي ماڻهن کي ٻين ٻولين کان نفرت ناهي پر جيڪو سنڌي ٻولي کان نفرت ڪري ٿو، ان کي سنڌ ۾ رهڻ جو ڪو به حق ناهي.هنن مطالبو ڪيو ته سنڌي ٻولي کان نفرت ڪندڙ ڊاڪٽر فهيم عامر کي برطرف ڪيو وڃي.05

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي ۾ گئس بندش خلاف احتجاج، عمران خان انڊي وارو آهي: سعيد غني

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني وزير اعظم عمران خان جو نالو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے