15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: ڌاٻيجي: صفائي عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال کان پوءِ شهر گندگيءَ جي ورچڙهيل

*ڌاٻيجي  ڀرسان  صفائي عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال  کان پوءِ شهر  گندگيءَ جي ورچڙهي ويو، شهري عذاب ۾ مبتلا، ڪيترين ئي بيمارين منهن ڪڍيو، صفائي عملي خلاف ڪارروائي جو مطالبو

ڌاٻيجي  ڀرسان  صفائي عملي پاران ڪم ڇڏ هڙتال  کان پوءِ سڄو شهر  گندگيءَ جي ورچڙهي ويو.

شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪالوني  جي رهواسين پ پ جي هارايل ڪائونسلر پير محمد جي اڳواڻي ۾ گندگيءَ خلاف احتجاج ڪيو.

صفائي سٿرائي نھ ٿيڻ ڪري  گٽرن جو پاڻي گهٽين ۽گهرن  ۾ ڪاهي پيو ،  جنهن سبب  مڇرن جو عذاب وڌي ويو آھي، گندگيءَ سبب  مختلف بيمارين پڻ منهن ڪڍيو .

هنن ضلعي چيئرمين ٺٽو ۽ ڊي سي ٺٽو کان گهر ڪندي چيو ته فوري طور تي علائقي مان صفائي ڪرائي رهواسين کي عذاب کان بچايو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڏهرڪي: نصاب جاڪتاب ٻارن کي ڏيڻ بدران وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف

*ڏهرڪي ۾ نصاب جا ڪتاب شاگردن ۾ ورهائڻ بدران گودام ۾ ذخيرو ٿيڻ جو انڪشاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے