16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: ميرپور خاص: شاگردياڻي جو گرلس ڪاليج جي هاسٽل مان لاش هٿ

*ميرپور خاص ڀرسان يارهين جماعت  جي شاگردياڻي جو گرلس ڪاليج جي هاسٽل مان لاش هٿ، خودڪشي جا چوٻول

ميرپور خاص ڀرسان يارهين جماعت  جي شاگردياڻي جو گرلس ڪاليج مان لاش هٿ آيو آهي.

خانگي ڀٽائي ڊينٽل ڪاليج ميرپورخاص مان يارهين جماعت   جي شاگردياڻي 20 ورهين جي زهريش انصاري جو لاش هٿ آيو آهي.

اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ميرپور خاص پهچايو.

 پوليس جو چوڻ آهي تھ شروعاتي رپورٽن مان معلوم ٿئي ٿو تھ شاگردياڻي خودڪشي ڪئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي تھ گرلس اسڪول جي ڪجهه شاگردياڻين کان جاچ ڪئي وئي آهي جن جو چوڻ آهي تھ زهريش رات جو ننڊ گهٽ ڪندي هئي، جڏهن تھ گهڻو وقت جاڳندي هئي.

پوليس جو چوڻ آهي تھ معاملي جي هر طرح کان جاچ ڪيون پيا، تھ شاگردياڻي خودڪشي ڪئي آهي يا قتل ٿي آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے