17 پیر , دسمبر 2018

جي آءِ ٽي فيس بڪ ۽ واٽس ڪال تي ٺهي، نواز شريف خلاف انتقامي ڪارروائي ٿي رهي آهي: احسن اقبال

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته جي آءِ ٽي فيس بڪ ۽ واٽس ايپ ڪال تي ٺهي آهي، سمورو معاملي ۾ انتقام جي بوءِ اچي رهي آهي، سموري ڦريل دولت نواز شريف جي کاتي ۾ وڌي وڃي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته سينيٽ جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ هارائي ويا ۽ ناڪام رهندڙ ڪامياب ٿي ويا آهن. هن چيو ته پرويز مشرف صحتمند آهي، کيس عدالت ۾ اچڻ گهرجي. هن چيو ته وڪيل چيو آهي ته پرويز مشرف پاڪستان ايندو، کيس سيڪيورٽي کان نه گهٻرائڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ڪراچيءَ ۾ ڀتي جون پرچيون ملنديون هيون هاڻي پي ايس ايل اچي رهي آهي. احسن اقبال چيو ته پرويز مشرف هاڻي جنرل ناهي پر سياسي پارٽي جو سربراهه آهي. هن چيو ته نواز شريف عدالت ۾ پيش ٿي سگهي ٿو ته پرويز مشرف ڇو نه ٿو ٿي سگهي، کيس سيڪيورٽي کان گهٻرائڻ نه گهرجي. سندس چوڻ هو ته اي سي ايل بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ٿي رهيو آهي. احسن اقبال چيو ته اي سي ايل وارو معاملو وفاقي ڪابينا ۾ موڪليو ويو آهي. هن چيو ته ڪجهه شرپسند واويلا ڪري رهيا آهن جنهن جو عوام تي اثر نه ٿيندو. هن چيو ته نواز شريف جي مقبوليت ۽ عوامي همدرديءَ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته پنجن سالن دوران ملڪ کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. احسن اقبال چيو ته سينيٽ جي چونڊ ٿيڻ جمهوريت جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته تاثر ڏنو پيو وڃي ته اتفاق نه ٿيو ته اتفاق نه ٿيو ته نگران حڪومت ڪو ٻيو ٺاهيندو، اسان پاڪستان جي ووٽرن کي طاقتور بڻائڻ چاهيون ٿا. سندس چوڻ هو ته دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، مخالف ڌر اڳواڻ نگران حڪومت تي اتفاق ڪندو، ڪجهه حلق چونڊن تي سواليه نشان لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. احسن اقبال چيو ته سياسي اختلاف آهي پر جمهوريت تي ڪي به اختلاف نه آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب پنهنجو ڪم نه ٿي ڪري، ضروري آهي ته هر ڪم ۾ ٽنگ اڙائي: سپريم ڪورٽ

sاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ هڪ ڪيس ۾ رمارڪس ڏيندي چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے