18 جمعرات , اکتوبر 2018

رپورٽ : باڊهه : ناميارو سگهڙ مٺل جهتيال بيمارين وگهي بستري ڀيڙو، سرڪار سار نه لڌي!

سنڌ جو ناميارو سگهڙ ۽ چئن ڪتابن جو خالق مٺل جهتيال مختلف بيمارين وگهي بستري تي پيل آهي، سنڌ سرڪار بيمار اديب جي ڪا به سار ناهي لڌي، سياسي سماجي اڳواڻن سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي سندس حياتي بچائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، وڌيڪ تفصيل باڊهه مان وحيد ڳاهي جي هن رپورٽ ۾..

سنڌ ۾مختلف بيمارين توڙي مسئلن جا ماريل ماڻهو واهر نه ٿيڻ ڪري عذابن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن پر سرڪار سندن ڪا به سار ناهي لڌي.

عام ماڻهن کانسواءِ سنڌ جا ڪيترائي ليکڪ ۽ اديب پڻ سرڪار جي بي ڌياني سبب پريشانين جو شڪار آهن.

موهن دڙي جي ڪک ۾قائم ڳوٺ گاجي جهتيال واسي سنڌ جو ناميارو سگهڙ، چئن ڪتابن جو ليکڪ محمد مٺل جهتيال پڻ بيمارين وگهي بستري تي پيل، جنهن جي ثقافت کاتي ڪا به سار ناهي لڌي!

محمد مٺل جهتيال جي لکيل ڪتابن ۾”ڪنڌ ڏنائون قوم تي“، ”مٺل ماڳ وسن“، ”مٺا ٻول مٺل جا“ ۽ ”مٺل ٻاريو مچ“ شامل آهن.

عالمي ايوارڊ يافته هي ناميارو سگهڙ پتي ۾ پٿري، هيپٽائيٽس سي ۽ شگر سيت مختلف بيمارين سبب پريشانين جو شڪار آهي.

بيماري جي بستري تي پيل سگهڙ مٺل جهتيال عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته هن الهه تلهه وڪڻي پنهنجو علاج ڪرايو پر سندس صحت ۾سڌارو ناهي اچي سگهيو، درخواستن باوجود واهر ناهي ٿي سگهي  نوٽيس وٺي سندس علاج ڪرايو وڃي.

نامياري سگهڙ جي پٽ ۽ سياسي سماجي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار هن نامياري سگهڙ جي ڪا به سهائتا ناهي ڪئي.

سياسي سماجي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ثقافت کاتي ۽ اعليٰ اختيارين لوڪ ادب جي هن وڏي نالي مٺل جهتيال جي ڪا به واهر ناهي ڪئي جيڪا سراسر ناانصافي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته بيمار سگهڙ جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي سندس حياتي بچائي وڃي…..

وحيد ڳاهو عوامي آواز ٽي وي باڊهه

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: اوٻاوڙو: رينجرز ڪارروائي، 8 افغاني گرفتار

*اوٻاوڙي ڀرسان رينجرز ڪارروائي ڪري غيرقانوني طور ڪراچي ويندڙ 8 افغاني گرفتار ڪري موبائيل فون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے