17 بدھ , اکتوبر 2018

عوام بُکايل اڃايل هجي ۽ پئسا ميٽرو تي خرچ ڪيا وڃن ته ماڻهن کي ڇا ملندو: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته عوام بُکايل اڃايل هجي ۽ پئسا ميٽرو تي خرچ ڪيا وڃن ته ماڻهن کي ڇا ملندو، وسيلا هجڻ باوجود ملڪ ترقي کان محروم هجي ته اها بدنصيبي آهي. لاهور ۾ عورت ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جيڪا ليڊر شپ عدليا سميت ٻين ادارن کي مضبوط ڪندي آهي، اها ئي پنهنجو ملڪ مضبوط بڻائيندي آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن ملڪ کي تباهه ڪرڻو هجي ان جي ادارن تي قبضو ڪري ڇڏيو، اهو تباهه ٿي ويندو. عمران خان چيو ته سياست اقتدار ۽ طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪئي ويندي آهي، جڏهن ته تحريڪ عوام جي ڀلائي لاءِ هلائي ويندي ۽ تحريڪن جي ڪاميابي جو ڪو وقت مقرر ناهي هوندو، قائداعظم جي تحريڪ ڪامياب ٿيڻ ۾ 40 سال لڳي ويا، نئين پاڪستان جو مقصد قائداعظم ۽ اقبال جي خواب جي تعبير آهي. هن چيو ته شروعات ۾ هر تحريڪ تي ٽوڪ ڪئي ويندي آهي، مان تحريڪ جو ڏکئي سفر ۾ ساٿ ڏيڻ تي عورتن جا ٿورا مڃان ٿو، ائين نٿو ٿي سگهي ته هن موقعي تي سلوني بخاري کي ياد نه ڪيو وڃي. واضح رهي ته سلوني بخاري پي ٽي آءِ جي باني ميمبر هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ جو پئسو موٽائڻ لاءِ برطانيا ۽ دبئي سان معاهدا ڪري رهيا آهيون: مراد سعيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات بابت ممڪلتي وزير مراد سعيد چيو آهي ته نيب، ايف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے