16 جمعہ , نومبر 2018

عوامي آواز رپورٽ | سنڌ جي سُورمي غزالا بتول صديقي

22 مئي 2012 به 12 مئي جيان ڪراچي ۾ دهشتگردن هٿان بي گناهه ماڻهن جي رتوڇاڻ ٿيڻ جو ڏينهن آهي، ان ڏينهن تي قومي عوامي تحريڪ جي لياري مان نڪتل محبت سنڌ ريلي تي ڏينهن جي روشني ۾ رات جي رهزتن حملو ڪري پرامن ريليءَ کي رت سان وهنجاري ڇڏيو، دهشتگردن جي سڌي فائرنگ ۾ 13 ماڻهو شهيد ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو ڌڪي پڻ ٿيا، انهن شهيدن ۾ سنڌ جي سورمي غزالا بتول صديقي به وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي وئي، 12 مئي جيان 22 مئي تي حملي آوارن سان مزاحمت بدران پوليس مفاهمت جو مظاهرو ڪيو ته غزاله بتول ريلي جي پهريدار سپاهي کان هٿيار ڦري پاڻ فائرنگ ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ڀٽائي جي تصور واري بهادر عورت غزاله بتول پنهنجو ساهه ڏئي سنڌ جي سورمي هجڻ جو ثبوت ڏنو، ڀٽائي اهڙين سورمين لاءِ چيو ته :
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي
سونهان، ته پڻ لڄ مران
جي هن بيت ۾ ڀٽائي جي سورمي پنهنجي مڙس کي دشمن سان منهن مقابل تي وڙهندي مرڻ تي فخر ڪندي آهي پر غزاله بتول پاڻ وڙهندي وڙهندي ساهه ڏئي ويساهه ڏئي وئي آهي، غزاله بتول 1969 تي دادو ضلعي جي تاريخي ۽ تعليمي شهر پاٽ شريف ۾ جنم ورتو، 1984 ۾ ڪراچي جي اين جي وي اسڪول مان مئٽرڪ ڪرڻ کانسواءِ حيدرآباد جي زبيده ڪاليج مان انٽر جي ڊگري حاصل ڪئي، غزاله وري ڪراچي موٽي آئي جتان ڪراچي يونيورسٽي مان ماس ڪميونيڪيشن ۽ انٽرنيشنل رليشن ۾ ايم اي جون ڊگريون ورتيون.
هن پي آءِ اي ۾ آفيسر جي نوڪري به حاصل ڪئي، شادي ڪيائين ۽ ماءُ به بڻي پر هو هميشه سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي حقن لاءِ سماجي ڪارڪن طور سرگرم رهندي آئي، 2010 جي ٻوڏ ۾ ڪراچي آيل ٻوڏ متاثرن لاءِ جي سهائتا لاءِ رليف ڪئمپن ۾ وڃي سندن مالڪي ڪئي ۽ مددون ڪيون، جيتوڻيڪ شهيد غزاله بتول قومي عوامي تحريڪ جي ميمبر به نه هئي پر محبت سنڌ جي نالي ۽ نعري جي سڏ تي ريلي ۾ شريڪ ٿي پنهنجو قومي فرض ادا ڪيو ۽ ان فرض جي ادائيگي ۾ هو سنڌ جي شهيدن جي قافلي جي راهه مسافر بڻجي وئي، ڪراچي جي اسٽيل ٽائون واري قبرستان ۾ دفن ٿيل سنڌ جي هن سورمي سميت 22 مئي جي 13 شهيدن جي خون سان انصاف جي ضرورت آهي، 22 مئي واري واعي جو ماسٽر مائينڊ ڪير هو، حملي ۾ ملوث ڪير هئا ۽ ڪير ڪير دهشتگردي واري وارڌات کان اڳواٽ خبردار هئا، انهن سمورن معاملن جي جاچ ڪري حقيقت قوم جي آڏو پڌري ڪئي وڃي ۽ شهيدن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے