17 بدھ , اکتوبر 2018

پاڪپتن ۾ ٻارڙيءَ کي زيادتي کانپوءِ ماريندڙ ٻن ڏوهارين کي 3-3 ڀيرا موت جي سزا

پاڪپتن (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت 5 ورهين جي ٻارڙي کي زيادتي کانپوءِ قتل ڪندڙ ٻن ڏوهارين کي 3-3 ڀيرا موت ۽ 31 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڏوهاري عرفان شاهه ۽ وريام کي 3-3 ڀيرا موت جي سزا سان گڏوگڏ 31 لک رپيا ڏنڊ جي سزا جو به حڪم ٻڌايو، جڏهن ته الزام هيٺ آيل حيدري شاهه ۽ نسيم بي بي کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي آزاد ڪيو ويو. واضح رهي ته پاڪپتن ۾ قبولا ٿاڻي جي حد ۾ 5 ورهين جي ٻارڙي کي گذريل سال 12 آگسٽ تي زيادتي جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ قتل ڪيو ويو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ جو پئسو موٽائڻ لاءِ برطانيا ۽ دبئي سان معاهدا ڪري رهيا آهيون: مراد سعيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات بابت ممڪلتي وزير مراد سعيد چيو آهي ته نيب، ايف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے