17 بدھ , اکتوبر 2018

نواز شريف ڏڦيڙ چاهي ٿو، هو سياست ۾ آپگهاتي بمبار بڻجي ويو آهي: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته نواز شريف پنهنجي رويي سبب وزارت عظميٰ تان لٿو، هن سدائين پ پ خلاف احتساب جو نعرو هنيو، هاڻ جڏهن احتساب جو رُخ پاڻ ڏانهن ٿيو اٿس ته ادارن کي گاريون پيو ڏئي، ميان صاحب سياست ۾ آپگهاتي بمبار بڻجي ويو آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مولا بخش چانڊيي چيو ته نواز شريف قانوني محاذ تي جنگ هارائي ويو، ميان صاحب! توهان کي تڪبر ٻوڙيو، توهان کي صوبن سان دشمني ٻوڙيو، چوڌري نثار اڳوڻي وزيراعظم کي چيو آهي ته توهان پنهنجا چهرا سياسي مخالفن ڏانهن ڪيو، ادارن کي گهٽ وڌ نه ڳالهايو، اهو بيان نواز شريف کي ٻيهر ٻڌڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي خواهش آهي ته ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکڙجي، اهي چاهين ٿا تڪرار ٿئي ۽ اسان مظلوم بڻجي وڃون، اسان کي پنهنجي ادارن جو قدر ڪرڻ گهرجي، گاريون نه ڏيڻ گهرجن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ جو پئسو موٽائڻ لاءِ برطانيا ۽ دبئي سان معاهدا ڪري رهيا آهيون: مراد سعيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات بابت ممڪلتي وزير مراد سعيد چيو آهي ته نيب، ايف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے