17 پیر , دسمبر 2018

نواز شريف کي جوتو هڻڻ جي ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي جوتو هڻڻ جي ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪيا ويا آهن. ڪينٽ ڪچهري ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ طلعت محمود جي عدالت ۾ نواز شريف تي جوتو اڇلائڻ جي الزام هيٺ آيلن جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ضمانت واري درخواست لاڳاپيل عدالت موڪلي وئي. پراسيڪيوشن جو چوڻ هو ته جڊيشل مئجسٽريٽ کي ضمانت واري درخواست ٻڌڻ جو اختيار ناهي. هوڏانهن پوليس جوتو هڻڻ جي ڪيس ۾ دهشتگردي جا خاص قلم شامل ڪري ڇڏيا آهن. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جامعا نعيميا ۾ تقريب دوران هڪ شخص اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي جوتو هنيو هو، جنهن کانپوءِ الزام هيٺ آيلن کي گرفتار ڪيو ويو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مخالف ڌر معمولي اسٽينڊنگ ڪميٽين جي سربراهي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  مخالف ڌر معمولي اسٽينڊنگ ڪميٽين جي سربراهي وٺڻ کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے