17 پیر , دسمبر 2018

صوبائي خودمختياري ۽ مرڪزي رياست واري ڇڪتاڻ

علي محمد  ميمڻ

پاڪستان پيپلزپارٽي جي ريٽائر ٿيندڙ سينيٽر فرحت الله بابر سينيٽ جي اجلاس ۾ پنهنجي الوداعي خطاب ۾ فڪر انگيز ۽ کٽڪي واريون ڳالهيون ڪيون آهن. فرحت الله بابر جو  چوڻ هو ته آئون ڏسي رهيو آهيان ته پارليامينٽ جي خودمختياري گهٽ ٿي رهي آهي، 18 هين آئيني ترميم ۽ اختيارن جي منتقلي جيڪا هن پارليامينٽ کي ٺاهڻي هئي ان تي پابندي لڳائي پئي وڃي.پارليامينٽر کان بچو جڏهن 2018ع جي چونڊن جو محور عدليه تي ريفرنڊم نه بڻجي وڃي، جج صاحبان کي گذارش ڪ ڊي فيڪٽو رياست جو خاتمو نه آندو ته وڏو ٽڪراءُ ٿيندو، مون کي خدشو آهي ته 2018ع عدليه بابت ريفرنڊم جو سال ثابت نه ٿئي، 18 هين ترميم کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته حالتون سڀني جي هٿن مان نڪري وينديون.  فرحت الله بابر  جو وڌيڪ چوڻ هو ته پارليامينٽ کي چتاء  ڏيان ٿو ته ان ڏينهن جي ش ريان ٿو ته اهڙي رستي تي نه هلن جو عدليه ريفرنڊم جو موضوع بڻجي وڃي،

فرحت الله بابر جو  اهوپڻ  چوڻ هو ته گذريل سالن دوران ملڪ ۾ هڪ ڊي فيڪٽو ۽ هڪ ڊي جوري رياست وجود ۾ اچي ٿي جنهن ۾ تضاد ۽ ڪشمڪش آهي، ڊي جيوري حڪومت کي فيض آباد ڌرڻي ۾ پٺتي ٿيڻو پيو ۽ ڊي فيڪٽو اسٽيٽ احتساب کان مٿانهين آهي، ان جو احتساب نه ٿو ٿي سگهي رڳو ڊي جيوري جو احتساب ٿي سگهي ٿو ان ۾ پارليامينٽ به ذميوار آهي، اسان چاهيو پئي ته ڊي فيڪٽو اسٽيٽ به احتساب جوڳي هجي پر بدقسمتي سان خبر ناهي ڇا ٿيو منهنجي سياسي پارٽي سميت سڀ پٺتي هٽي ويا، مون کي ڳڻتي آهي ۽ الله نه ڪري جو ادارن ۾ ٽڪراءُ ٿئي.

ٻئي پاسي، سينيٽ جي اڳوڻي چيرمين ميان رضا ربانيءَ ڪجهه مهينا اڳ پشاور ۾ بينظير ڀٽوشهيد خواتين يونيورسٽي ۾ڪوٺايل هڪ قومي ڪانفرنس ۾خطاب ڪندي چيو هو ته مرڪزيت پسند ذهنيت صرف اسلام آباد کي ئي مضبوط وفاق قرار ڏئي ٿي ان ڪري صوبن کي خودمختياري جا ثمر بهتر طور تي نه ملي سگهيا آهن.   رضا رباني جو چوڻ هو ته آئين ۾ صوبن کي حق ڏنا ويا آهن پر وفاقيت جو مسئلو ئي اهو آهي ته آئين، وفاق، صوبا ۽ارڙهين ترميم پنهنجي جاء تي موجود آهن پر انهن تي عملدرآمد نٿو ٿئي ۽ هن جو وڌيڪ اهو پڻ چوڻ هو ته مرڪزيت پسند ذهنيت، مضبوط اسلام آباد کي مضبوط وفاق ڄاڻائي ٿي پر حقيقت ۾ مضبوط صوبا ئي مضبوط وفاق جا ضامن آهن.

رضا ربانيءَ چيو ته آئين تحت ادارا ٺاهيا ويا آهن پر انهن جو درست استعمال نٿو ڪيو وڃي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته صوبن ۽ وفاق وچ ۾ هلندڙ تڪرارن ۽ ٻين اهڙن قومي مسئلن کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ بحث لاء آندو وڃي.

بيشڪ!     ملڪ ۾آئين جي حڪمراني ، وفاق ۽ صوبن وچ ۾ اختيارن جي ورهاست ۽ 1973ع جي آئين تحت صوبن کي مليل صوبائي خود مختياري تي عملدرآمد نه ٿيڻ جو بحران پنهنجي خوفناڪ شڪل ۾ موجود آهي،. اسان جي ملڪ ۾ ،دنيا جي سڌريل جمهوري ملڪن وانگر اقتدار  اعلي يا حڪومت ۽ ان جا سمورا اختيار، عوام جي چونڊيل نمائندن کي ملڻ جو عملي سرشتو اثرائتي حيثيت ۾موجود نه آهي. پاڪستان جي بنيادي دستاويز ۽  ملڪ جي آئين تحت  صوبا پنهنجي وسيلن جا مالڪ ۽ خودمختيار طي ٿيل ۽ تسليم ٿيل آهن، جن تي حڪمران اتان جون حڪومتون ئي آهن. پر وفاقي سرڪار جي رخ مان بالڪل ابتڙ صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته هڪ ڀيرو وري ملڪ مان وفاقي ۽ جمهوري نظام کي  بدلائي ون يونٽ يا مرڪزي مملڪت بنائڻ لاء ڪوششون ڪيون پيون وڃن. جنهن سان ملڪ جي پارليامينٽ  جي سمورن ايوانن، ادارن، صوبن ۽ صوبائي حڪومتن ۾ تمام گهڻي ڳڻتي ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال موجود آهي .

وفاقي حڪومت  پاران هلندڙ مالي سال واري بجيٽ صوبن لاءِ  اين ايف سي ايوارڊ جاري ڪرڻ کانسواءِ پيش ڪئي وئي، جنهن کي سينيٽ آف پاڪستان طرفان غير آئيني ۽ غير قانوني عمل قرار ڏنو ويو ۽ سخت احتجاج ڪيو ويو پر ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير  اسحاق ڊار جي واتان سينيٽ کي سڌي طرح اهو چيو ويو ته وفاقي حڪومت طرفان وڌيڪ  قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ  جاري نه ڪيا ويندا ۽ نه ئي ان  تحت صوبن کي سندن وسيلن ۾وڌيڪ حصو ڏنو ويندو ۽ صوبا  وڌيڪ  ڪابه اميد نه رکن.

اهڙي ريت،  سينيٽ آف پاڪستان  طرفان ان بجيٽ کي رد ڪرڻ جي باوجود، وفاقي حڪومت طرفان قومي اسيمبلي ۾حڪمران جماعت، نواز ليگ جي اڪثريت جي بنياد تي تڪراري بجيٽ منظور ڪيو ويو ۽ سنڌ سميت ننڍن صوبن جي حق تلفي ڪئي ويئي. ان کان علاوه وفاقي حڪومت چار بجيٽ پيش ڪري چڪي آهي پر اين ايف سي ايوارڊ  جو ڪوبه ذڪر ناهي ڪيو ويو. اهڙي ريت نئين مالي سال جي ايندڙ بجيٽ ۾ پڻ صوبن جا حق نه ملڻ ۽ قومي مالياتي ايوارڊ جي بندش برقرار رهڻ جو انديشو آهي.

وزير اعظم جي ناڻي واري صلاحڪار مفتاح اسماعيل اربين رپين جي اسٽيل مل فقط هڪ ڊالر ۾ وڪرو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. تفصيل موجب اهو اعلان ناڻي واري صلاحڪار مفتاح اسماعيل ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته حڪومت اسٽيل مل مفت ۾ ڏيڻ لاءِ تيار آهي، جيڪڏهن ڪير پي آءِ اي ۽ پاڪستان اسٽيل مل جو قرض ۽ رهتون ادا ڪري ته اهو ان کي وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته قوم جو پيسو پگهارن ۾ ضايع ڪيو پيو وڃي، پاڪستان اسٽيل مل کي پاڻ وٺ رکڻ کان بهتر آهي ته پاڪستان اسٽيل مل کي وڪڻي ڇڏين.

هن وڌيڪ چيو ته هن هڪ اداري جو قرض ۽ رهتون ادا ڪرڻ تي پاڪستان اسٽيل 1 ڊالر ۾ ملي ويندي.  اهي ادارا معيشت تي بار آهن. پي آءِ اي ۽ پاڪستان اسٽيل ائين ئي هلي رهيا آهن. قوم جو پيسو پگهارن تي ضايع ڪرڻ کان بهتر آهي ته اهي ادارا وڪڻيا وڃن.

انتهائي افسوس جي ڳالهه آهي ته  ملڪ تي قابض ڪجهه واپارين طرفان ملڪ جي جمهوريت، پارليامينٽ  آئيني ادارن ، قومي ملڪيتن، عوامي حقن ۽ انصاف جي ادارن کي پڻ وڪرو ڪرڻ جو بورڊ لڳائي، نيلام عام شروع ڪري ڇڏيو آهي. نه صرف اهو پر پوري دنيا جي بئنڪن ۽ وياج خور ادارن ۽ ملڪن جون قومي آزاديون ڳڙڪائيندڙ ڪمپنين کان بنا ڪنهن ضرورت جي اربين ڊالر حاصل ڪري ملڪ جي وقار ۽ مستقبل کي گروي رکي غلام بنايو ويو آهي . انتهائي شرمساري واري حقيقت آهي ته حڪمرانن طرفان صرف پنهنجي عياشين لاء بي حساب قرض ورتا ويا آهن. هاڻي ته حڪومتي وزير ، موالين ۽  پراڻن هيروئنين وانگر، ملڪ جا قيمتي اثاثا نيلام ڪرڻ ۽ ڌرتي ماءُ جا زيور به وڪڻي، قوم جا ٻچا رلائڻ لاء پڻ تيار ٿي ويا آهن.

واضح رهي ته اسانجي ملڪ جو وجود صوبن جي وفاق جي شڪل ۾ موجود آهي، يعني صوبا ئي ملڪ جي وجود جا عضوا آهن ۽ صوبا ئي پاڪستان  جو روپ ۽ ملڪ جي وفاق جي سڃاڻپ ۽ علامت آهن. ملڪ جي سياسي نظام بابت اها حقيقت سڀني اختياري وارن کي قبولڻ گهرجي ته پاڪستان بنيادي طور تي هڪ وفاقي مملڪت آهي ، جيڪا ملڪ جي چئن وفاقي يونٽن يعني سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه صوبن تي بيٺل آهي ۽ ملڪ جي خزاني ۾ شامل ٿيندڙ  سمورو ناڻو ۽ سرمايو ملڪ جي انهن صوبن ۽ انهن جي زراعت، زرعي زمينن، صنعتن ، بندرگاهن، معدنيات ۽ معدني ۽ قدرتي وسيلن ،ڪاروبارن، صنعتي  ۽ زرعي پيداوارن  مان حاصل ٿيندڙ  مستقل خزانوآهي.

اها قومي دولت ،وفاق پاڪستان جي صوبن  ۽ ان جي 22 ڪروڙ عوام جي پگهر جي پورهئي جو حاصل آهي. جنهن تي سڀ کان پهريون  حق ملڪ جي انهن صوبن ۽ اتان جي عوام جو ئي آهي. وفاقي حڪومت ڪنهن آسماني رياست يا خلا تي حڪمران ناهي، ملڪ کي صوبن جي عوام ئي ٺاهيو آهي ۽ اهي ئي ان جا مالڪ پڻ آهن ۽ صوبن  جي وسيلن، اختيارن جي ورهاست  ۽ سمورن سياسي ۽ سماجي ادارن جي بهتر جوڙجڪ ۾ صوبن جي حقيقي عوام ۽ شهرين جي رضا ۽ مرضي هر ڳالهه ۽ فيصلي ۾ شامل هجڻ لازمي آهي .

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف جي حڪومت مفاهمت کانسواءِ نه هلي سگهندي

مسلم ميراڻي وزير اعظم عمران خان  حڪومت ۾ اچڻ‌ کان اڳ ۽  حڪومت ملڻ‌ کانپوءِ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے