17 بدھ , اکتوبر 2018

ڪراچي سرجاڻي ٽائون مان اغوا ڪيل ماءُ پٽ جي قتل جو خدشو، پوليس جا فريادي کي داٻا

ڪراچي (رپورٽر) سرجاني مان اغوا ڪيل ماءُ ۽ سندس پٽ ستن مهينن کان واپس اچي نه سگهيا، پوليس جوابدارن بداران وارثن کي هيسائڻ ۾ پوري ، سرجاڻي ٽائون  ٿاڻي جي حد مان  7 مهينا اڳ رخسانه زال محمد اشرف ۽ سندس پٽ ريحان کي اغوا ڪيو ويو هو، ان جو ڪيس سرجاڻي ٿاڻي تي نازيه، عمر ولد هدايت الله کهڙو ۽ ٻين خلاف داخل آهي. پر پوليس هيل تائين کين بازياب نه ڪرائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. ان باري ۾ عورت جي مڙس محمد اشرف ولد ڪالا خان راجپوت عوامي آواز آفيس پهچي ٻڌايو ته منهنجي گهر واري کي نازيه پٽ سميت اغوا ڪيو، گمشدگي جو اشتهار هلڻ تي عمر کهڙي مون کي فون ڪري چيو ته مون رخسانه کي پئسن ۾ خريد ڪيو  آهي، 30 هزار رپيا ڏي ته واپس اماڻيان هن چيو ته مون ڪيس داخل ڪرايو پر پوليس جوابدارن کي پڪرڻ بدران سهڪار نه پئي ڪري، مون اهلڪارن کي موبائل فون جا تفصيل به ڏياريا آهن موبائل اڄ به کليل آهن، پر ڪجهه به نه ٿو ڪيو وڃي، هن چيو ته جاچ آفيسر اي ايس آءِ باغ علي جوڻيجو مون سان انصاف ڪرڻ بدران ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هن چيو ته زال ۽ ٻار جي قتل جو خدشو آهي، انصاف ڪري ٻار واپس ڪرايا وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Prime Minister will inaugurate the construction scheme of 50 lakh houses

ننڍي چونڊ ۾ اثرانداز ٿيڻ جي ڪاڪوشش نه ڪئي:عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ننڍي چونڊ دوران وفاقي توڙي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے