17 پیر , دسمبر 2018

پيپلز پارٽي اڳواڻ آخونزاده چٽان جي گهر تي راڪيٽ حملو

باجوڙ ( ويب ڊيسڪ ) باجوڙ ايجنسي ۾ پ پ اڳواڻ آخونزاده چٽان جي گهر تي راڪيٽ حملو ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪو به نقصان نه ٿيو آهي. ذريعن موجب پ پ جي صوبائي نائب صدر آخونزاده چٽان جي گهر تي رات دير سان راڪيٽ حملو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ سندس گهر کي جزوي نقصان پهتو خوشقسمتي سان ڪو به نقصان نه ٿيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آخونزاده چٽان جي گهر تي حملي جي مذمت ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري هڪ بيان ۾ چيو ته جيالن کي ڪوڙن، گولي، بمن ۽ ميزائلن سان ڊيڄاري نه ٿو سگهجي، آخونزاده چٽان فاٽا جي عوام لاءِ وڙهندو رهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجاب جي قانون واري وزير جي سرڪاري اسپتال جي ايم ايس کي ڌمڪين جي آڊيو وائرل

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي قانون واري وزير راجا بشارت جي هڪ آڊيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے