18 جمعرات , اکتوبر 2018

طالبان امن ڪوششن مان فائدو حاصل ڪن: پاڪستان ۽ افغانستان ۾ اتفاق

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) قومي سلامتي جي صلاحڪار ناصر جنجوعا افغان چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله عبدالله سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته طالبان کي نئين امن جي آڇ مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. قومي سلامتي جي صلاحڪار ناصر جنجوعا افغانستان جي سرڪاري دوري دوران افغان چيف ايگزيڪيوٽو عبدالله عبدالله سان ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. ملاقات ۾ پاڪ افغان لاڳاپن جي بهتري لاءِ بين الرياستي ڳالهين تي غور ڪيو ويو. ان کانسواءِ افغان امن عمل تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته طالبان کي نئين امن جي آڇ مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يورپي سياستدان عورتون به جنسي هراساني جو شڪار

برسلز (ويب ڊيسڪ) يورپي يونين جي اڌ کان وڌيڪ سياستدان عورتن کي به انهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے