18 اتوار , نومبر 2018

نيوز : مورو: سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ  لاءِ احتجاج

*موري ۾سنڌي ادبي سنگت طرفان سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ ۽ ڊائو يونيورسٽي جي ڊاڪٽر خلاف احتجاج ڪيو ويو.

اديبن ۽ سياسي سماجي ڪارڪنن مختيار شاھه، اشرف لغاري، عنايت سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾چلڊرين پارڪ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌي ٻولي ھزارين سالن کان وٺي دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ڳالھائي وڃي ٿي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌي ٻولي کي فورن قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي.

 سندن چوڻ هو ته ڊاڪٽر فھيم عامر اردو ڳالھائيندڙ سنڌين ۾نفرت پيدا ڪرڻ چاھي ٿو جيڪا سازش ناڪام ويندي.

ھنن وڌيڪ چيو ته اردو ڳالھائيندڙ ذميوار ماڻھن کي ھن کي وائکو ڪرڻ گھرجي ۽ ساڻس لاتعلقي ڪرڻ گھرجي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے