19 پیر , نومبر 2018

نيوز : *ڊائو يونيورسٽي ۾سنڌي ڳالهائڻ تي پابندي  خلاف ۽ سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ حيدرآباد ۾ ريلي ڪڍي وئي.

*ڊائو يونيورسٽي ۾سنڌي ڳالهائڻ تي پابندي  خلاف ۽ سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ حيدرآباد ۾ريلي ڪڍي وئي.

سياسي، سماجي اڳواڻن، استادن، ليکڪن ۽ اديبن پاران ريلي ڪڍي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ميڙاڪو ڪوٺايو.

 ميڙاڪي ۾ نامياري دانشور جامي چانڊيو، مختيار عباسي، ڊاڪٽر اشوٿامه، نامياري راڳي مظهر حسين، فاروق سومرو، اديب يوسف سنڌي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ٻولي صدين کان قائم آهي، جنهن جي پنهنجي تهذيب موجود آهي.

 هنن چيو ته سنڌي ٻولي کي نقصان پهچائڻ لاءِ هروقت سازشون ٿينديون رهيون آهن، پر سنڌي قوم اهڙين سازشن کي سدائين ناڪام بڻايو آهي.

ڊائو يونيورسٽي ۾سنڌي ٻولي ۾ڳالهائڻ تي ڊاڪٽرياڻي کي شوڪاز موڪلڻ به ان سازش جي هڪ ڪڙي آهي، جنهن کي رد ڪريون ٿا.

 هنن چيو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيئي دفترن ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ لازمي قرار ڏنو وڃي.

هنن  گهر ڪئي ته تعصب پرست ڊپٽي ڊائريڪٽر کي برطرف ڪري سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:لاکاروڊ: گرلز پرائمري اسڪول ۾ سهولتن جي اڻهوند سبب علمي سرگرميون سخت متاثر

*لاکا روڊ جي گرلز پرائمري اسڪول ۾ سهولتن جي اڻهوند سبب علمي سرگرميون سخت متاثر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے