17 ہفتہ , نومبر 2018

فلپائن ۾ هوٽل ۾ باهه، 3 ڄڻا سڙي فوت

منيلا (ويب ڊيسڪ) فلپائن جي تخت گاهه منيلا جي هڪ هوٽل ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا سڙي فوت ۽ 23 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. فوت ٿيلن ۾ ٽئي ڄڻا عملي جا ميمبر هئا. رپورٽن موجب ريسڪيو ڪارروايون جاري آهن ۽ 12 کان وڌيڪ ماڻهو اڃا تائين هوٽل ۾ ڦاٿل آهن. اها باهه 22 ماڙن تي ٻڌل “واٽر فرنٽ منيلا پويلين هوٽل” جي ٻي ماڙ تي لڳي، جتي مرمت جو ڪم جاري هو. 350 ڪمرن تي ٻڌل ان هوٽل جي سمورن مهمانن کي حفاظت سان ٻاهر ڪڍيو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جمال خاشقجي جو قتل سعودي عرب جو گهرو معاملو آهي: عادل الجبير

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جمال خاشقجي جي قتل کي عالمي معاملو مڃڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے