18 جمعرات , اکتوبر 2018

سنڌي تي بندش ۽ ڌارين کي ڪارڊ خلاف سنڌ سراپا احتجاج، ڊاڪٽر فهيم معافي وٺي ڇڏي

ڪراچي / حيدرآباد / سکر (رپورٽر/ نمائندا) ڊائو يونيورسٽي ۾ سڌ ٻولي کان روڪڻ ۽ ڌارين  کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيڻ خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي، سنڌي ٻولي کان روڪيندڙ ڊاڪٽر فهيم عامر معافي وٺي ڇڏي،  ڪراچي ڊائو يونيورسٽي اسپتال ۾ ڊاڪٽر رابعه کي سنڌي ڳالهائڻ کان روڪيندڙ ڊاڪٽر فهيم عامر پنهنجو وڊيو بيان جاري ڪندي سنڌي عوام کان معافي گهري آهي. ڊاڪٽر فهيم عامر چيو ته سندس ڳالهه سان ڪنهن جي دل آزادري ٿي آهي ته مان سنڌي عوام کان معافي گهران ٿو. هن چيو ته مان سنڌ ۾ ڄائو آهيان ۽ نئون سنڌي آهيان، هن چيو ته مان ڪڏهن به سنڌي ٻولي جي مخالفت نه ڪئي آهي نه وري ڪڏهن مخالفت ڪندس. هن چيو ته مان سنڌ ۾ رهان ٿو هاڻي مان ڪوشش ڪري جلد سنڌي ٻولي سکندس، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙن کي چوان ٿو ته اهي به سنڌي ٻولي سکن. ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي فهيم عامر پاران سنڌي ٻولي ڳالهائڻ تي بندش هڻڻ ۽ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ  خلاف ِ سنڌ جي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾سياسي، سماجي اڳواڻن، استادن، ليکڪن، اديبن، فنڪارن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن احتجاجي مظاهرا ڪيا، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته قومي معاملن کي نه ڇيڙيو وڃي، هي اهڙو معاملو آھي، جنهن تي پوري سنڌي قوم ۾ چڙ واري صورتحال ڇانئجي وئي آهي. ٻولي، ثقافت ۽ قومي معاملن تي سنڌ ڪجھه به برداشت نه ڪندي، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙيون سازشون ڪرائي رهي آهي، عوام سندن اهڙي سازش کي ناڪام بڻائي، سنڌ حڪومت جي ذميواري آھي ته هو اهڙي نفسياتي ڊاڪٽر خلاف ڪارروائي ڪري پوري قوم ۾ پکڙيل بيچيني کي ختم ڪرائي. رپورٽن موجب ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ڊاڪٽر ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر پاران سنڌي ٻولي ڳالهائڻ تي بندش هڻڻ خلاف ۽ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ لاءِ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان فنڪارن، قوم پرستن ۽ اديبن سميت مختلف ڌرين سان لاڳاپيل ماڻهن ناليواري فنڪارا ديبا سحر، سميع بلوچ، هدايت بلوچ، الاهي بخش بڪڪ، سرتاج چانڊيي ۽ غلام مصطفيٰ سومري  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اهو روِيو رڳو ڊائو يونيورسٽي ۾ ناهي پر ڪراچي جي سمورن تعليمي ادارن ۾ به ساڳي صورتحال آھي. هنن مطالبو ڪيو ته تعصب پرست ڊاڪٽر فهيم عامر کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي. جڏهن ته  ايس يو پي جي ڪارڪنن ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران محبوب عباسي. منير مگسي ۽ غلام مصطفيٰ چانڊيي جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو. هوڏانهن حيدرآباد ۾اولڊ ڪئمپس کان نامياري دانشور جامي چانڊئي، مختيار عباسي، ڊاڪٽر اشوٿاما، اظهار سومري، پنهل ساريي، نامياري راڳي بيدل مسرور، مظهر حسين، فاروق سومري، يوسف سنڌي، زيب سنڌي،  حميره نور، گلبدن جاويد مرزا، آزاد ميرواهي، جعفر ميمڻ، سنڌي ادبي سنگت جي محبوب سنڌي، اشرف نوناري، ڊاڪٽر عظميٰ، ڪامريڊ جوشيلي، جسقم اڳواڻ اشرف شورو، پ پ شهيد ڀٽو جي زاهد ٻٻر، سماجي اڳواڻ ساگر عالماڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامهون ميڙاڪو ڪيو. ميڙاڪي ۾اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ٻولي صدين کان قائم آهي، جنهن جي پنهنجي تهذيب موجود آهي. هنن چيو ته سنڌي ٻولي کي نقصان پهچائڻ لاءِ هر وقت سازشون ٿينديون رهيون آهن، پر سنڌي قوم اهڙين سازشن کي سدائين ناڪام بڻايو آهي. هنن چيو ته ڊائو يونيورسٽي ۾ سنڌي ٻولي ۾ ڳالهائڻ تي ڊاڪٽرياڻي رابعا بيبي کي شوڪاز موڪلڻ به ان سازش جي هڪ ڪڙي آهي، جنهن کي رد ڪريون ٿا. هنن چيو ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي آفيسن ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ لازمي قرار ڏنو وڃي. هنن چيو ته سنڌ اسيمبلي مان قانون پاس ڪرايو وڃي ته جيڪڏهن ڪنهن به کاتي ۾ نوڪري لاءِ درخواست ڏيندڙ کي جيڪڏهن سنڌي ٻولي ۾ لکڻ پڙهڻ نه ٿو اچي ته ان کي سنڌ ۾ نوڪري نه ڏني وڃي ۽ سنڌ جي تمام تعليمي درسگاهن ۾ سنڌي سبجيڪٽ کي لازمي قرار ڏنو وڃي. جڏهن ته حيدرآباد ۾ سنڌ سجاڳي فورم پاران سارنگ جويو، محب آزاد ۽ عمران گاڏهي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو..ملير ۾ جيئي سنڌ پورهيت سنگت ۽ جساف جي ڪارڪنن اشتياق ميمڻ، مختيار سومري، ساجد راڄپر، سالار سنڌي، رانجهن ٿيبي، مهراڻ شاهاڻي، سلام سنڌي، لالا جنيد، فهيم ظهراڻي، ستار لاشاري۽ حاجي رجب علي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٺٽي ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن  پريس ڪلب اڳيان بلاول لاشاري، گھنور زنئور، مارو خشڪ، ھيمون پليجو، عبدالله چانڊيو ۽ شاھ محمد چانگ جي اڳواڻيء ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي.ٽنڊو محمد خان ۾جسقم جي ڪارڪنن ضلعي صدر ظهور هاليپوٽو، جاويد هاليپوٽو، فرمان ٻرڙو، عنايت ڪنڀار، زوهيب جمالي، جساف جي صوفي حامد، ماما ساجد ۽ سڪندر ڦلڪارو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. مٺي ۾ سول سوسائٽي جي نمائندن، اديبن، شاعرن ۽ سڄاڻ ماڻهن نصير ڪنڀار. اڪبر درس. ممتاز نهڙيو. اعجاز بجير. ذولفقار انڙ. خالد عمراڻي. شوڪت هڱورجي ۽ سومار راهمون جي اڳواڻيءَ ۾ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو . ٻي طرف سکر ۾ سماجي تنظيم سنڌ ويزن طرفان شاهزيب سهتو، ارشد کوسي جي اڳواڻيءَ ۾پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. لاڙڪاڻي ۾ جسقم جي مرڪزي ڪلچرل سيڪريٽري اطهر سومري، عزيز رحمٰن شيخ، طارق ڪورائي، اشرف ڪلهوڙي، آفتاب ميراڻي، اياز ڪورائي، غلام علي مغيري، امتياز موريو، زوهيب سومرو، نويد کوسو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڏوڪريءَ ۾ جسقم۽  جساف جي ڪارڪنن رڪ سنڌي، ارشاد ٻگھيو، امتياز کوهارو۽ خالد جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ ٽائون هال کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. وڳڻ ۾ جسقم جي ڪارڪنن ضلعي صدر مختيار پنهور، امجد علي, سجاد حسين, شبير ديشي, ڪامران پنهور ۽ ڪامريڊ ڪرم مغيري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري انڊس ھاءِ وي چوڪ تي ڌرڻو ھڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي. جڏهن ته نواب شاهه، سڪرنڊ، سٺ ميل، دوڙ، قاضي احمد، موري، نوشهري فيروز، ڪنڊياري، هڱورجا، ڀريا سٽي، دادو، ڪي اين شاهه، ميهڙ، ڀان سيد آباد، سيوهڻ، ڄام شوري، هالا، شاهه پور چاڪر، شهدادپور ۽ ٻين شهربن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.05

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌو درياءَ تي امڪاني ڊيمن ۽ پاڻي کوٽ خلاف شروع ڪيل ”سنڌو پنڌ لانگ مارچ“ ٺٽي پهتو

ٺٽو /گجو( رپورٽ: شبير ڀٽي+ حبيب الله ميمڻ) سنڌو درياءُ تي امڪاني ڊيمن جي اڏاوت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے