17 بدھ , اکتوبر 2018

دو درياه قتل ڪيس: پوليس چالان ۾ خاور برني قاتل قرار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پوليس دو درياهه قتل ڪيس جو حتمي  چالان جوڊيشل مجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. پوليس طرفان جمع ڪرايل چالان ۾ عدالت کي ٻڌايو ويو آهي ته واقعي واري ڏينهن ظافر زبيري پنهنجي دوست ازهان سان گڏ سمنڊ ڪناري ويو هو جتي معمولي جهيڙي تي جوابدار خاور برني مقتول ظافر کي قتل ڪري ڇڏيو. چالان ۾ چيو ويو آهي ته خاور برني کي محمد رحيم سميت واقعي جي 2 اکين ڏٺي شاهدن مرڪزي جوابدار جي طور تي سڃاتو جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد 3 جوابدارن کي شاهدن جي عدم سڃاڻپ تي آزاد ڪيو ويو. حتمي چالان موجب واقعي واري هنڌان هٿ ڪيل گول جا خول جوابدار خاور برني جي پستول سان ميچ ٿي ويا، جوابدار خاور برني جي فائرنگ سان ظافر زبيري قتل ٿيو جڏهن ته فائرنگ ۾ زيد نالي نوجوان زخمي ٿي پيو جڏهن خاور برني ساٿين کي ورغلائڻ تي فائرنگ ڪئي. چالان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جوابدارن جي خلاف قتل، قتل جو بندوبست، غير قانوني هٿيار ايڪٽ ۽ شين کي نقصان رسائڻ جو ڏوهه به ثابت ٿيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ حڪومت جو ڪوڙن اڪائونٽن سان ڪو واسطو ناهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪوڙن اڪائونٽن سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے