17 پیر , دسمبر 2018

نصرت سحر عباسيءَ کي شاباش ۽ پ پ سرڪار کي صلاح

 زرار پيرزادو

  • ڪالهه سنڌ اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ فنڪشنل جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي صاحبه سنڌ ۾ لڳل سڃاڻپ بورڊ (سائن بورڊ) سنڌيءَ ۾ لکڻ لاءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ جيڪو ٺهراءُ پيش ڪيو آهي تنهن تي کيس، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي ۽ سڀني سنڌ واسين کي مبارڪ ڏجي ٿي.
  • ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ جو نصرت سحر عباسي سان گڏ ان ڪري نالو کنيو ويو آهي جو سنڌيءَ ۾ بورڊ لکڻ واري اها مهم انور پيرزادو اڪيڊمي پنهنجي هٿ ۾ کنئي آهي ۽ ان ڏس ۾ ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ سان رابطو ڪيو ويو ۽ کيس گذارش ڪئي وئي ته اها سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر کي قائل ڪري ته هُو سنڌ اسيمبلي جي عمارت ۾ لڳل بورڊن تي سنڌيءَ ۾ لکائڻ جون هدايتون جاري ڪري.
  • اسان جي خيال ۾ جيڪڏهن سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر اهڙو ڪم ڪري ٿو وڃي ته اهو ئي هڪڙو سندس يادگار ڪم ليکيو ويندو پر ان کان اڳ جو کيس اهڙو ڪم نصيب ٿئي، ميڊم نصرت سحر عباسيءَ، ميڊم مهتاب اڪبر راشديءَ جي پس پردا ڪيل ڪوششن تي ”وڏي شاباش“ ماڻي ورتي آهي.
  • هاڻي بال، سنڌ اسيمبليءَ ۾ موجوده اڪثر سنڌي ايم پي ايز وٽ آيو آهي ته اهي ان ٺهراءَ کي اڪثريت سان منظور ڪري ان کي قانوني شڪل ڏين ۽ پوءِ ان قانون تي عمل کي يقيني بڻائين.
  • هوڏانهن سنڌ حڪومت 25 مارچ تي ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ پي ايس ايل جي فائنل ميچ جي حوالي سان سنڌيءَ ۾ پڻ بينر لڳايا آهن، تنهن تي وري سنڌ سرڪار کي شاباش ڏجي ٿي.
  • اسان عام طور تي سنڌ ۾ اردو ۽ انگريزي ۾ لکيل بورڊ ڏسي حيرت ۾ پوندا آهيون ته باقي اسان سنڌي يا اسان جي سنڌي ٻولي ڪٿي آهي؟
  • پنهنجو خيال آهي ته ان ۾ ڏوهه ڌارين يا غير سنڌين جو ناهي، اهي ته ظاهر آهي ته پنهنجي زبان ۾ لکندا پر سوال اهو اهي ته اسان سنڌي پاڻ پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڇو نٿا لکون. سازشي ڌاريا نه پر اسان جي پنهنجي نااهلي آهي، اسان پنهنجين شئين تي سنڌيءَ ۾ ڇو نٿا لکون.
  • سنڌ اسيمبلي، سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي ادارن ۾ ويٺل سنڌي آخر ڌارين وانگر پنهنجن مفادن لاءِ سرگرم ڇو ناهن ۽ڪنهن کين جهليو آهي.
  • ڪراچيءَ ۾ سچل ڳوٺ هڪڙو اهڙو رول ماڊل علائقو آهي جنهن ۾ اڪثر چوراهن، روڊن، دڪانن تي لڳل بورڊن تي اوهان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل نالا ملندا ۽ عظيم سنڌي ڪردارن جي نالي سان منسوب ٿيل روڊ ۽ چوراها ملندا، مطلب ته ان ڏس ۾ ڪم ڪجي ته بلڪل به ڪري سگهجي ٿو، ضرورت رڳو اوڏانهن ڌيان ڏيڻ جي آهي.
  • سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ”پڄي پاڻ کان نه لک لعنت وري گوڏن تي….“!!

هي به ڏسي سگهو ٿا

تحريڪ انصاف جي حڪومت مفاهمت کانسواءِ نه هلي سگهندي

مسلم ميراڻي وزير اعظم عمران خان  حڪومت ۾ اچڻ‌ کان اڳ ۽  حڪومت ملڻ‌ کانپوءِ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے