19 پیر , نومبر 2018

نيوز: مٺياڻي: بجلي گذريل 4 ڏينھن کان بند، شھري سراپا احتجاج بڻيل

*مٺياڻي ۽ ڀرپاسي جي  ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجلي گذريل 4 ڏينھن کان بند،  شھري ، واپاري، سياسي ۽ سماجي  ڌريون سراپا احتجاج بڻيل……………..

مٺياڻي ۽ ڀرپاسي جي  ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجلي گذريل 4 ڏينھن کان بند هجڻ خلاف شھرين ، واپارين، سياسي ۽ سماجي ڌرين شٽر بند ھڙتال ڪري احتجاج ڪيو.

بجلي جي لوڊ شيدنگ سبب مٺياڻي شهر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو سخت بحران پيدا ٿي ويو آهي .

بجلي جي بندش سبب مڇرن جو آزار پڻ وڌي ويو جنهن ڪري هڪ طرف ماڻهو سموري رات جاڳي گذارين ٿا ته ٻئي طرف وري بيماريون پکڙجڻ جو پڻ خدشو آهي.

شهرين جو چوڻ آهي ته هو بجلي جو بل به ادا ڪن ٿا پر ان باوجود به کين بجلي نه پئي ڏني وڃي .

شهرين توڙي واپارين ۽ سياسي سماجي ڌرين وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته بجلي جي لوڊ شيڊنگ ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو …………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے