17 پیر , دسمبر 2018

شيخ رشيد جي نااهلي بابت درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي نااهلي بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.  سپريم ڪورٽ ۾ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي نااهلي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي. جسٽس عظمت سعيد شيخ جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار شڪيل اعواڻ جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته شيخ رشيد   پنهنجا اثاثا لڪايا ۽ اليڪشن ڪميشن سان غلط بياني ڪئي. هن چيو ته شيخ رشيد پنهنجي نامزدگي ڪاغذن ۾ گهر جي قيمت هڪ ڪروڙ 2 لک ظاهر ڪئي، گهر جي بڪنگ 4 ڪروڙ 80 لک رپيه کان شروع ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو جيڪو بعد ۾ ٻڌايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۽ ترڪي طرفان خطي ۾ امن لاءِ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سرڪاري دوري تي مصر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے