17 بدھ , اکتوبر 2018

سلمان احمد عمران خان کان ناراض، وڌيڪ حمايت ڪرڻ کان انڪار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مشهور ميوزيڪل بينڊ جنون ذريعي شهرت حاصل ڪندڙ گٽارسٽ سلمان احمد تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي وڌيڪ حمايت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ سلمان احمد چيو ته مان 35 سالن تائين عمران خان جي حمايت ڪئي ۽ دفاع ڪيو پر هاڻي وڌيڪ اهو نه ٿو ڪري سگهان، مون کي خدشو آهي ته سندس ريڙهيون پائيندڙ جانورن گهيرو ڪيو آهي.سلمان احمد اهو ٽوئيٽ اهڙي وقت ڪيو آهي جڏهن عامر لياقت تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي. سلمان احمد چيو ته عمران خان کي خبردار ڪرڻ سندس جمهوري حق آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪ جو پئسو موٽائڻ لاءِ برطانيا ۽ دبئي سان معاهدا ڪري رهيا آهيون: مراد سعيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مواصلات بابت ممڪلتي وزير مراد سعيد چيو آهي ته نيب، ايف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے