17 پیر , دسمبر 2018

منشيات فروشن کي موت جي سزا ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي: ٽرمپ

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته منشيات جي روڪٿام لاءِ منشيات فروشن کي موت جي سزا ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي. آمريڪي رياست نيو هيمشائر جي شهر مانچسٽر ۾ خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا ۾ ٻن سالن دوران 63 هزار کان وڌيڪ ماڻهو نشي جي عادت سبب مري چڪا آهن، جڏهن ته 24 لک منشيات جا عادي آهن. هن چيو ته منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف مضبوط ڪارروائي جو وقت اچي ويو آهي جنهن لاءِ منشيات فروشن کي سخت سزا ڏيڻي پوندي ۽ موت جي سزا تي به غور ٿي رهيو آهي. آمريڪي صدر چيو ته فلپائن ۾ منشيات فروشن لاءِ سخت ڪارروائي ڪئي وئي جيڪا ساراهه جوڳي آهي، آمريڪا کي به اهڙي ماڊل تي غور ڪرڻ گهرجي، فلپائن جي طرز تي منشيات فروشن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي جيڪي اسان جي نسلن ۾ زهر ڀري رهيا آهن اهي ڪنهن به قسم جي رحم جا حقدار نه آهن. آمريڪي صدر علاج معالجي جي عدم فراهمي ۽ ضرورت کان وڌيڪ نسخن جي وڪري خلاف به ڪارروائي جو اعلان ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سرينگر : والاريل ڪشمير ۾ مڪمل هڙتال، مير واعظ ۽ ياسين ملڪ گرفتار

سرينگر ( ويب ڊيسڪ  ) ڀارتي فوج هٿان 11 ڪشميرين جي شهادت تي اڄ سموري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے